شگر مافيا ڀڄڻ جي تيارين ۾ ، ٻن ڊيلرن کي روڪيو ويو

لاهور(م ڊ)  ملڪ ۾ کنڊ جي بحران کانپوءِ حڪومت پاران کنيل قدم جي نتيجي ۾ 2 شوگر ڊيلرز کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان روڪيو ويو آهي۔ شوگر ڊيلرز ايسوسيئيشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته شوگر ڊيلرز کي ايئرپورٽ تي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان روڪيو ويو، ۽ انهن ٻنهي ڊيلرن جا نالا اي سي ايل (ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ) ۾ شامل هئا۔ ذريعن موجب، هڪ شوگر ڊيلر لاهور مان ملائيشيا وڃي رهيو هو ۽ ٻيو ڪراچي مان دبئي روانو ٿيڻ وارو هو، ٻنهي تي کنڊ برآمد ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ کوٽ پيدا ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي۔ شوگر ڊيلرز ايسوسيئيشن جي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ملڪ ڀر مان 15 کان وڌيڪ وڏن شوگر ڊيلرز جا نالا اي سي ايل تي شامل ڪيا ويا آهن. شوگر ڊيلرز ايسوسيئيشن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي ميمبرن جا نالا اي سي ايل مان هٽايا وڃن، ڇو ته اسين ڪاروباري ۽ ٽيڪس ادا ڪندڙ شهري آهيون۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.