اسلام آباد(بيورو+م ڊ)وفاقي وزير اطلاعات عطاالله تارڙ چيو آهي ته سينيئر سياستدان مصطفى نواز کوکر ۽ سندن خاندان”ريئل اسٽيٽ مافيا” جو حصو آهن، جنهن جو ڪاروبار "جبر، زور زبردستي ۽ غنڊا گردي” تي مبني آهي، هڪ وڊيو بيان ۾ عطاالله تارڙ مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنس کي "ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو، هن چيو ته مخالف ڌر وٽ ڪا به تحقيق ناهي، ۽ مصطفى نواز کوکر پاڻ به واضح ڪن ته انهن جي خاندان ريئل اسٽيٽ ۾ غنڊاگردي ذريعي ڪهڙي طريقي سان مافيا ٺاهيو؟، عطاالله تارڙ چيو ته مصطفى نواز کوکر هاڻ قوم کي ليڪچر ڏين ٿا، پر اها حقيقت به ٻڌائين ته سندن خاندان جو ريئل اسٽيٽ ڪاروبار ڪهڙي نموني جبر ۽ زبردستي تي هليو؟”، وفاقي وزير مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنس تي تنقيد ڪندي چيو ته نه ته اهي معاشي انگ اکر ڏئي سگهيا، نه ئي ملڪ جي ترقي بابت پنهنجو ڪو موقف پيش ڪري سگهيا، هن جو چوڻ هو ته "جڏهن به پاڪستان ۾ ڪو پرڏيهي سربراهه اچي ٿو، اپوزيشن اهڙيون حرڪتون ڪري ان دوري کي متنازع بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، عطاالله تارڙ چيو ته ايراني صدر جي دوري جو پورو ملڪ منتظر آهي، هو دوست ملڪ جي حيثيت سان اچي رهيا آهن، سندن پرجوش استقبال ڪيو ويندو.” هن وڌيڪ چيو ته ايران جي صدر جو دورو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي.