واپاري ڊيل: سنڌ عالمي سيڙپ ڪاري جو مرڪز بڻجندي؟

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) پاڪستان ۾ تيل جي ڳولا جو ڪم چئني صوبن ۾ هلي رهيو آهي، پر سنڌ ان شعبي ۾ سڀني کان اڳڀري آهي. پاڪستان ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي جي رپورٽ موجب سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا ڪل 247 کوهه آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ 33، خيبرپختونخوا ۾ 15 ۽ بلوچستان ۾ رڳو 4 کوهن تي ڪم ٿي رهيو آهي. ماهر محمد وصي خان موجب ٽيڪنالاجي جي اڻهوند توڙي سيڙپڪاري جي کوٽ جي باوجود به ٻين صوبن سان گڏ ۽ انهن کان وڌيڪ مختلف وقتن تي لڳاتار سنڌ مان نيون دريافتون ٿينديون رهن ٿيون. رڳو سال 2023 جي وچ ڌاري سنڌ جي گهوٽڪي ضلعي جي علائقي خانپور ۾ او جي ڊي سي ايل طرفان هڪ نئين گئس جو ذخيرو دريافت ڪيو ويو، جڏهن ته ساڳي سال بدين ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ پڻ نئين تيل ۽ گئس جا ذخيرا سامهون آيا. انهن دريافتن مان سنڌ جي وسيلن جي پائيداري ۽ واڌاري جي تصديق ٿئي ٿي. پئٽروليم ڊويزن جي پارلياماني سيڪريٽري ميان خان بگٽي موجب، سنڌ ۾ تيل جي شعبي ۾ هن وقت گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن آمريڪي صدر ٽرمپ جي اعلان کي ڏسجي ۽ واقعي ڪو معاهدو عملي شڪل اختيار ڪري ٿو ته ان ڳالهه جا گهڻا امڪان آهن ته آمريڪي ڪمپنيون خاص طور تي سنڌ تي ڌيان ڏينديون، ڇو ته تيل ۽ گئس جا سڀ کان وڌيڪ ۽ ثابت ٿيل ذخيرا سنڌ ۾ ئي موجود آهن. ان سان گڏ سنڌ جي هاڻوڪي انفراسٽرڪچر، لڳاتار دريافتون ۽ توانائي شعبي ۾ اڳڀرائي کي ڏسندي لڳي ٿو ته آمريڪي يا ٻي ڪنهن به به عالمي ڪمپني لاءِ سنڌ قدرتي وسيلن جي مرڪزي جڳهه هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.