پاڪستان ۽ چين جون فوجون حقيقي معنيٰ ۾ ڀائر فوجون آهن: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جون فوجون حقيقي معنيٰ ۾ ڀائر فوجون آهن. آءِ ايسپي آر موجب آرمي چيف عاصم منير جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ پيپلز لبريشن آرمي جي يومِ تاسيس جي تقريب کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي فيلڊ مارشل چيو ته پاڪ چين ڀائيواري گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. فيلڊ مارشل عاصم منير جو چوڻ هو ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپا گڏيل اعتماد جو مثال آهن. آءِ ايس پي آر موجب، ان موقعي تي چيني سفير جيانگ زائيڊونگ آرمي چيف جا ٿورا مڃيندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي فوج جو ڪردار اهم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.