واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا، پاڪستان کي ڀارت جي مقابلي ۾ واپاري ٽيرف ۾ واضح رعايت ڏيندي، پاڪستاني شين تي 19 سيڪڙو جوابي ٽريف لاڳو ڪيو آهي، جڏهن ته ڀارت تي 25 سيڪڙو ٽيرف لڳايو ويو آهي. وائٽ هائوس جي بيان موجب، ڏکڻ ايشيا جي ٽن اهم ملڪن مان پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ رعايت ڏني وئي آهي. ڏکڻ آفريقا تي 30، سوئٽزرلينڊ تي 39 سيڪڙو، ترڪيي تي 15 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو، اسرائيل تي 15 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو. آمريڪا ڪينيڊا تي ٽيرف 25 مان وڌائي 35 سيڪڙو ڪري ڇڏيو.
-
آمريڪا سان واپار جو توازن پاڪستان جي حق ۾ آهي: ماهر
اسلام آباد (بي بي سي) جيڪڏهن اسان پاڪستان جي پرڏيهي واپار تي نظر وجهون ٿا ته مجموعي طور تي پاڪستان واپاريخساري جو شڪار آهي پر آمريڪا سان واپار جو توازن پاڪستان جي حق ۾ آهي، جنهن جو مطلب آهي ته آمريڪا ڏانهن پاڪستان جي برآمد وڌيڪ آهي، جڏهن ته پاڪستان پاران گهٽ شيون درآمد ڪيون وينديون آهن. گذريل مالي سال ۾، پاڪستان آمريڪا کي 5.83 ارب ڊالر جون شيون برآمد ڪيون. ٻئي طرف، آمريڪا مان پاڪستان جي درآمد 1.74 ارب ڊالر رهي. واپاري توازن چار ارب ڊالر کان وڌيڪ سان پاڪستان جي حق ۾ رهيو. ڪپڙي جون شيون ڪل واپار جو 90 سيڪڙو آهن. ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي اڳوڻي سي اي او زبير موتي والا موجب، پاڪستان جيڪڏهن آمريڪي شين کي پنهنجي منڊين تائين رسائي ڏئي ٿو ته ان ۾ پاڪستان لاءِ ڪا پريشاني جي ڳالهه ناهي ڇو ته فاصلو وڌيڪ هجڻ سبب پاڪستان کي ٻين ملڪن سستيون شيون ملي وڃن ٿيون. مالياتي معاملن جي ماهر ثنا توفيق موجب، پاڪستان وڌيڪ ٽيڪسٽائل شيون برآمد ڪري ٿو ۽ بنگلاديش، ويٽنام ۽ ڀارت تي 25 سيڪڙو ٽيرف آهي ته پاڪستان جو ٽيرف 19 سيڪڙو آهي، ان لاءِ پاڪستان کي اها سرسي هوندي، ٿي سگهي ٿو هاڻي پاڪستان کي وڌيڪ آرڊر ملن. پرڏيهي واپار جي شعبي جي ماهر ڊاڪٽر ايوب مهر موجب پاڪستان کي ان جو فائدو کڻڻ لاءِ برآمدي شين تي سبسڊي يا فائدو ڏيڻ جي ضرورت آهي.
-
ملڪ جي گيس پيداوار ۾ سنڌ جو 65 سيڪڙو حصو
ڪراچي: سنڌ جي سرزمين، جيڪا هزارين سالن کان قدرتي وسيلن سان ڀريل رهي آهي، اڄ به پاڪستان جي توانائي ضرورتن جو وڏو حصو مهيا ڪري ٿي. سنڌ، قدرتي گئس، تيل، ڪوئلي، سنگ مرمر، چوني پٿر، لوهه، جپسم، سڻپ ۽ ٻين قسمن جي معدنيات سان مالا مال آهي. ملڪ جي قدرتي گئس جي پيداوار ۾ به سنڌ جو حصو اٽڪل 65 سيڪڙو تائين آهي، جڏهن ته تيل جي پيداوار جو وڏو حصو به سنڌ مان ئي نڪري ٿو. سنڌ جي گئس فيلڊز، جيئن سوئي، قادپور، گمبٽ ۽ ماڙي، ملڪ جي توانائي جو بنيادي سهارو آهن، جن کانسواءِ ملڪ جي صنعت ۽ روزاني زندگي متاثر ٿي سگهي ٿي.