نئون ميثاق جمهوريت جوڙي قومن کي حق ڏيو: اي پي سي\ايس آءِ ايف سي آئين خلاف قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ جي سياسي سماجي قوم پرست سياستدانن نئين ميثاق جمهوريت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آئين خلاف جوڙيل ايس آءِ ايف سي ختم ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جون ڏنل زمينون واپس ڪيون وڃن. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پارليامينٽ جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، عدليا ۽ ميڊيا جي آزادي، آزاد خودمختيار ۽ غيرجانبدار اليڪشن ڪميشن جي قيام ۽ شفاف اليڪشن سميت مختلف مطالبن جي قرارداد منظور. 8 جولائي 2024ع تي صدرارتي هائوس ۾ گرين ڪارپوريٽ انيشيئٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپنيءَ سان ٿيل معاهدي تحت ڇهه نوان ڪئنال ٺاهڻ واري فيصلي کي غيرقانوني قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو. ايس آئي ايف سي کي ارڙهين آئيني ترميم جي خلاف ورزي قرار ڏيندي ايس آئي ايف سي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ايس آئي ايف سي تحت سنڌ جي 13 لک ايڪڙ سميت سموري ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمين ڪمپنين کي الاٽ ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. بلوچ شاگردن کي هراسان ڪرڻ جي مذمت ڪئي وئي، جبري گمشدگي ۽ عدالتن کان مٿانهان قتل ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ قرارداد منظور ڪئي وئي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جمهوري حقن ۽ آئين پاڪستان جي خلاف ورزي ڪندڙ قوتن کي سزا ڏيڻ لاءِ ٽرٿ اينڊ ريڪنسيليشن ڪميشن قائم ڪئي وڃي. قومن جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي، سنڌ جي وسيلن تي سنڌين، بلوچستان جي وسيلن تي بلوچن، پختونخوا جي وسيلن تي پختون، سرائيڪين جي وسيلن تي سرائيڪي ۽ پنجاب جي وسيلن تي پنجابي عوام جو ۽ گلگت جي وسيلن تي گلگت وارن جو حق آهي، قومن جي رضامندي کانسواءِ معدنيات متعلق ڪنهن به قانونسازي کي اسين رد ٿا ڪريون. ڪاروڪاري سميت سمورن عورت دشمن منصوبن کي ختم ڪيو وڃي. ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ، عمران خان سميت سمورن سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو. اسرائيل طرفان مظلوم فلسطينين تي ٿيندڙ ظلم، جبر ۽ فلسطيني قوم جي نسل ڪشي جي مذمت ڪئي وئي.    چيو ويو ته ايس آئي ايف سي تحت سنڌ جي 13 لک ايڪڙ سميت سموري ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمين ڪمپنين کي الاٽ ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. بلوچ شاگردن کي هراسان ڪرڻ جي مذمت ڪئي وئي، جبري گمشدگي ۽ عدالتن کان مٿانهان قتل ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ قرارداد منظور ڪئي وئي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جمهوري حقن ۽ آئين پاڪستان جي خلاف ورزي ڪندڙ قوتن کي سزا ڏيڻ لاءِ ٽروٿ اينڊ ريڪنسيليشن ڪميشن قائم ڪئي وڃي. قومن جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي، سنڌ جي وسيلن تي سنڌين، بلوچستان جي وسيلن تي بلوچن، پختونخوا جي وسيلن تي پختون، سرائيڪين جي وسيلن تي سرائيڪي ۽ پنجاب جي وسيلن تي پنجابي عوام جو ۽ گلگت جي وسيلن تي گلگت وارن جو حق آهي، قومن جي رضامندي کانسواءِ معدنيات متعلق ڪنهن به قانونسازي کي اسين رد ٿا ڪريون. ڪاروڪاري سميت سمورن عورت دشمن منصوبن کي ختم ڪيو وڃي. ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ، عمران خان سميت سمورن سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو. اسرائيل طرفان مظلوم فلسطينين تي ٿيندڙ ظلم، جبر ۽ فلسطيني قوم جي نسل ڪشي جي مذمت ڪئي وئي.   تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته ملڪ جي هر شهري کي آئين مڃڻو پوندو، جيڪو به آئين جي دائري کان ٻاهر نڪري ٿو، ان کي نه پاڪستان تي حڪمراني جو حق آهي نه اسين ان کي تسليم ڪنداسين۔ اسلام آباد ۾ هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته ملڪ جا 47 سيڪڙو ماڻهو غربت جي ليڪ کان هيٺ هليا ويا آهن، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان غريب ۽ پسيل طبقن لاءِ تحريڪ هلائيندي۔محمود خان اچڪزئي تحريڪ ۾ جلدي نه ڪرڻ جي اپيل ڪندي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي چيو ته تحريڪ ۾ تڪڙ ڪرڻ لاءِ پنهنجن اڳواڻن تي دٻاءُ نه وجهو، سڀني کي گڏجي تحريڪ هلائڻي آهي۔ عوامي تحريڪ جي وفد آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن وسيلي سنڌ سميت ملڪ جي مظلوم قومن جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن، سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ نون ڊيمن خلاف موقف رکيو.  ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته عوامي تحريڪ جي جدوجهد جو مقصد سنڌ سميت ملڪ ۾ شامل سمورين قومن جي زمينن، ثقافت، ٻولي، تهذيب جو تحفظ ڪرڻ آهي، هارين، مزدورن ۽ پورهيتن جي خوشحالي ۽ حق حڪمراني لاءِ اسان جدوجهد ڪندا پيا اچون، ملڪ ۾ شامل سمورين قومن جي خودمختياري، وسيلن جي مالڪي حق حڪمراني کي تسليم ڪيو وڃي. ڪانفرنس جي پڌرنامي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، ڊيمن، ڪئنالن ۽ ملڪ جي مظلوم قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف قراردادون شامل ڪيون وڃن. اسين چهرا مٽائڻ بدران نظام جي تبديلي ۾ يقين رکون ٿا، چند خاندانن يا هڪڙي اداري جي ملڪ مٿان اجاراداري جي هر صورت کي اسين رد ڪريون ٿا. هن مطالبو ڪيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ اميڊمينٽ ايڪٽ 2023ع، ايس آئي ايف سي، ڇويهين آئيني ترميم، پيڪا ايڪٽ سميت سمورا ڪارا قانون ختم ڪيا وڃن. وسند ٿري چيو ته مظلوم قومن جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ اڻ اعلانيل مارشل لا مڙهي، ون يونٽ طرز تي حڪومت قائم ڪئي وئي آهي. بلاول شهباز اتحادي سرڪار قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان جو قتل ڪري ڇڏيو آهي هي حڪومت به فاشسٽ مودي جيان سنڌو درياهه کي سڪائڻ جي سازش ۾ رڌل آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ جو پاڻي بند ڪري ست ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا غير آئيني ۽ غير قانوني آهن. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جو ادارو آئين کان مٿانهون آهي، هي آئين جو قاتل ادارو آهي. موجوده هائبرڊ حڪومت آئين کي پيرن هيٺيان لتاڙي ڇڏيو آهي.   ڪچي جي ڌاڙيلن کي سرڪاري سردارن جي سرپرستي ۾ اسمگل ٿيل هٿيار پهچايا پيا وڃن، سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ ٻيلن کي وڍڻ لاءِ ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، ڌاڙيلن کي مڪمل طور پيپلز پارٽي سرڪار جي سرپرستي حاصل آهي. زرداري ليگ هڪ مافيا بڻجي سنڌ کي کائي وئي آهي، سپاهي جي نوڪري لاءِ به زرداري هائوس ۽ بلاول هائوس تي رشوت پهچائي پوءِ نوڪري حاصل ڪري سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.