ڪراچي( رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته صحافتي آزادي تي اڃا تائين للڪارون موجود آهن، جنگ دوران عالمي سطح تي پاڪستاني ۽ ڀارتي ميڊيا آمهون سامهون هئا، ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستاني ميڊيا بهترين ڪردار ادا ڪيو، پي ايف يو جي صحافتي آزادي لاءِ تحريڪ هلائي. ڪراچي ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي 75 سالن جي مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي فيڊرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي ميمبرن جي اعزاز ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ هائوس ۾ ڏنل سانجهاندي دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ايف يو جي صحافتي آزادي لاءِ تحريڪ هلائي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو به انهيءَ تحريڪ ۾ صحافين سان گڏ بيٺي رهي، ايم آر ڊي ۾ به صحافين جدوجهد ڪئي، اڄ به صحافتي آزادي سان لاڳاپيل چئلينجن کي منهن ڏيڻو آهي. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ڀارتي جارحيت دوران عالمي سطح تي پاڪستاني ۽ ڀارتي ميڊيا آمهون سامهون هئا، پاڪستاني ميڊيا ڀارتي جارحيت جي خلاف بهترين ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن هاڻي هٿيار بڻجي چڪا آهن، جيڪي ڀارت استعمال ڪري ٿو. هن چيو ته ڪشمير تي ڀرپاسي وارا ملڪ به پروپيگنڊا ڪن ٿا. سنڌ، بلوچستان ۽ ڪشمير تي مس ۽ ڊس انفارميشن پکيڙي پئي وڃي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته جنگ کان اڳ ڊجيٽل ميڊيا تي پابندي هئي، پوءِ معلوم ٿيو ته اهو بهترين هٿيار آهي، حڪومت ڀارت سان جنگ کان پوءِ ڊجيٽل ميڊيا تان پابندي ختم ڪئي.هن چيو ته پيپلز پارٽي اظهار راءِ جي آزاديءَ تي يقين رکي ٿي، صحافين جي تحفظ لاءِ قانونسازي ٿيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 2.1 لک گهر ٺاهي رهيا آهيون، ۽ اهي گهر عورتن جي نالي ڪري انهن کي مالڪي جو حق ڏئي رهيا آهيون.هن چيو تهڊجيٽل ميڊيا تي بندش هٽائڻ هاڪاري ثابت ٿيو، جنگ دوران ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت جي خبر پئي، اميد ته وفاقي سرڪار صحافين جي مسئلن تي نظرثاني ڪندي.