اسلام آباد (قربان بلوچ) وفاقي وزارت آبي وسيلن، واپڊا ۽ انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) سنڌ ۽ پنجاب ۾ پاڻي جي ورڇ ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ 27 ارب رپين جي لاڳت سان جديد ٽيلي ميٽري سسٽم لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪيو آهي. هن سسٽم تحت ٻنهي صوبن جي 27 اهم هنڌن تي جديد ڊجيٽل اوزار لڳايا ويندا، جيڪي پاڻي جي سطح ۽ وهڪري جو ڊيٽا حقيقي وقت ۾ رڪارڊ ڪري مرڪزي ڪنٽرول روم ڏانهن منتقل ڪندا. اجلاس جي تفصيلن موجب منصوبي جي شروعات پنجاب کان ٿي رهي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ سکر ۽ گڊو بئراجن تي جاري مرمتي ڪم سبب في الحال ٽيلي ميٽري سسٽم جي تنصيب ممڪن نه آهي. پريزنٽيشن ۾ ٻڌايو ويو ته گڊو بئراج جا 3 ڪئنالن جا دروازا تبديل ٿيڻ بعد ٽيلي ميٽري حوالي ڪيا ويندا. وڌيڪ انڪشاف ٿيو ته 1940ع کان وٺي گڊو بئراج جا 10 دروازا بند آهن، جن بابت في الحال غيرملڪي ماهرن ذريعي ماڊل اسٽڊي ٿي رهي آهي ته انهن کي کولڻ گهرجي يا بند رکڻ گهرجي. فيصلو ٿيڻ بعد ئي نوان دروازا لڳايا ويندا. ان سان گڏ، ڪوٽڙي، سکر ۽ گڊو بئراجن تي ڪنٽرول رومز جي ويجهو رائيٽ بئنڪ تي پهرين مرحلي ۾ اوزار لڳايا ويندا، جڏهن ته ليفٽ بئنڪ تي اوزار مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ بعد لڳايا ويندا. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته 10 آگسٽ تائين ٺيڪيدار، ڪنسلٽنٽ ۽ آبپاشي کاتو منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جو طريقو ۽ شيڊيول طئي ڪندا. منصوبي تحت گيجز ۽ آپريٽرز کان سرٽيفڪيشن به ورتي ويندي ته ماپيل ڊيٽا حقيقي ۽ صحيح آهي. سنڌ جي سياسي ۽ آبادگار تنظيمن جو موقف رهيو آهي ته پنجاب ۾ ماپيل پاڻي جو مقدار گهڻو ڪري اصل کان گهٽ ڏيکاريو وڃي ٿو، جنهن سبب سنڌ کي پنهنجي حصي کان گهٽ پاڻي ملي ٿو. ماضي ۾ 2004ع ۾ لڳايل سسٽم به صحيح نموني ڪم نه ڪري سگهيو ۽ 2010ع کان پوءِ مڪمل طور بند ٿي ويو. ماهرن موجب ٽيلي ميٽري سسٽم سان پاڻي جي ورڇ تي تڪرار گهٽجي سگهن ٿا، فصلن لاءِ وقتائتو پاڻي ملڻ جا امڪان وڌي سگهن ٿا ۽ ڊيٽا ۾ شفافيت اچي سگهي ٿي. پر سنڌ جي ڪجھه پاڻي ماهرن جو خدشو آهي ته جيڪڏهن سسٽم جي سار سنڀال، ڊيٽا مانيٽرنگ ۽ آپريشن وفاقي ادارن جي مڪمل ڪنٽرول ۾ رهيو ته اهو وري به سياسي ۽ ادارياتي اثر هيٺ اچي سگهي ٿو.