صادق آباد ويجهو پوليس پڪٽ تي رات جي اوندهه ۾ حملو، 5 اهلڪار شهيد

ڏهرڪي/  اوٻاوڙو (رپورٽ: اجيت ڪمار/ عبدالحئي ڇڄڻ ) پنجاب جي شهر صادق آباد ڀر سان ڀونگ ٿاڻي جي پوليس پڪٽ شخاڻي تي گذريل رات دير سان رات جي اونداهي ۾ 10 کان وڌيڪ هٿياربندن پهريانپوليس پڪٽ مٿان لانچر فائر ڪري پوليس پڪٽ جي چئن پاسن کان حملو ڪندي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب پوليس پڪٽ تي ڊيوٽي تي موجود 5 پوليس اهلڪار محمد عرفان، سليم خليل، احمد غضنفر، عباس ۽ تجمل حسين شهيد ٿي ويا، جنهن بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، جنهن بعد پوليس شھيدن جا مڙھ رحيميارخان جي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيا، جتان مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا، واقعي تي ضلعي رحيميار خان ۾ سوڳ واري ڪيفيت ڇائنل آھي، ياد رهي ته هڪ سال اڳ به هٿياربندن جي حملي ۾ 12 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا پر هن مهل تائين ڏوهارين خلاف ڪو به اثرائتو آپريشن نه ٿي ڏسگهيو آهي، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي، هوڏانهن ڊي پي او رحيم يارخان عرفان علي سمون پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهتو، جنهن بعد پوليس ڪچي ڏانهن ويندڙ سمورا رستا سيل ڪري علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ڊي پي او عرفان علي سمون ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوهارين بزدلي جو مظاهرو ڪندي پوليس پڪٽ تي حملو ڪري ڊيوٽي تي موجود 5 پوليس اهڪارن کي شهيد ڪيو آهي اهڪارن جو خون رائيگان نه ويندو، ڏوهارين کي بزدلاڻي حملي جو ڀوڳ ڀوگڻو پوندو ڇو جو ڏوهاري رياست ۽ قانون کان مٿانهون نٿا ٿي سگهن، کين انجام تائين پهچائي پوءِ ئي سک جو ساهه کڻنداسين، پوليس ترجمان موجب ڊي پي او جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالاا ڏوهارين پوليس ڪچي طرف ويل آهن ۽ پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.