ايران جو صدر مسعود پزشڪيان اڄ پاڪستان پهچندو

اسلام آباد (بيورو) ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان اڄ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، دورو وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي ٿيندو، جنهن ۾ ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ اعليٰ سطح جو وفد به ساڻس گڏ هوندو. دوري دوران صدر مسعود پزشکيان، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وفدن جي سطح تي به ڳالهين جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.