اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته عمران خان جي ٻنهي پٽن سليمان ۽ قاسم خان پاڪستاني ويزا لاءِ درخواست ڏني آهي ۽ هاڻ هو گهرو وزارت جي منظوري جا منتظر آهن. ٻئي ڀائر اڳ آمريڪا ۾ والد جي آزادي جي مهم هلائي چڪا آهن ۽ جلد پاڪستان اچڻ جو ارادو رکن ٿا. دفاع واري وزير خواجا آصف سميت حڪومت جي مختلف اڳواڻن چيو آهي ته ٻنهي لاءِ ڪا رڪاوٽ نه هوندي، پر قانوني حدن جو خيال رکڻو پوندو، ڇو ته هو برطانوي شهري آهن. قانوني ماهرن موجب، غير ملڪي شهري پاڪستان ۾ سياسي سرگرمين ۾ حصو نٿا وٺي سگهن.