نام نهاد غيرت ڪنهن صوبي يا طبقي جو مسئلو نه، پر قومي مسئلو آهي

تحرير: وسعت الله خان

اڄ کان 30-40 سال اڳ اُردو اخبارن جي پٺئين صفحن يا اندرين صفحن ۾ هر پندرهن ڏينهن يا مهيني کن ۾ ڪا نه ڪا خبر ايندي هئي ته ڪنهن گهر ۾ چلهو ڦاٽي پيو. ان حادثي ۾ عام طور تي اها عورت مري ويندي هئي، جيڪا ساهرن جي اميدن کان گهٽ ڏاج کڻي آئي هجي.يا پوءِ اها عورت، جنهن جا ٻار نه هجن يا جيڪا پنهنجي مڙس کي ٻي شادي کان روڪڻ لاءِ سس، ڏيرياڻي يا ٻين لاءِ مسئلو بڻجي وئي هجي، انهيءَ جا ڪپڙا اوچتو باهه وٺي ويندا هئا.چلهو ڦاٽڻ سان ڪنهن مرد جي سڙڻ جي خبر ڪڏهن به پڙهڻ لاءِ ناهي ملندي. پوليس به اهڙن ’حادثن‘ کي تقدير جو لکيو سمجهي فائيلن ۾ بند ڪري ڇڏيندي هئي.

مون پهريون دفعو "ڪاروڪاري” جو اصطلاح 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ٻڌو، جڏهن انگريزي ميگزين ’نيوز لائن‘ ۾ نفيسه شاهه جي هن موضوع تي مفصل تحقيقي رپورٽ ڇپي. ان تحقيق ۽ پوءِ ايندڙ صحافتي رپورٽن مان خبر پئي ته اهڙا به قبرستان آهن، جتي جرڳن، خاندانن، ڀائرن، والدين يا مڙسن جي طرفان ’ڪاري‘ قرار ڏنل شادي شده يا غير شادي شده عورتن، يا بغير اجازت شادي ڪندڙ عورتن کي چپ چاپ ماريو وڃي ٿو ۽ بنا ڪنهن نشاني جي دفن ڪيو وڃي ٿو.جڏهن ته ’ڪارو‘ اڪثر ڪري پڪڙ ۾ نٿو اچي. ۽ جيڪڏهن اچي به وڃي ته خانداني وڏا يا جرڳو ان تي ڳرو ڏوههانو لڳائي صلح ڪرائي ڇڏين ٿا، يا اهو ماڻهو علائقو ئي ڇڏي وڃي ٿو.ڪارين کي وڌيڪ ان ڪري ماريو ويندو آهي، جو انهن سان صرف عزت ۽ ’نام نهاد غيرت‘ جو خانداني تصور جڙيل هوندو آهي، جڏهن ته ڪارن سان نسب ۽ خانداني معيشت جڙيل هوندي آهي.

ظاهري طور تي ته ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهڙيون وارداتون ڄڻ جذبات جي اوچتو اُڀار جو نتيجو آهن، پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، ان قسم جي قتلن جي تجزين مان خبر پئي ته 95 سيڪڙو کان وڌيڪ قتل نه ته اوچتو ٿيندڙ ردعمل جو نتيجو آهن، نه ئي غيرت جو طوفان، پر انهن جي پويان باقاعده منصوبا بندي، حڪمت عملي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سالن تائين رٿابندي هوندي آهي. ان کان پوءِ معلوم ٿيو ته هي ’نام نهاد غيرت‘ جو تصور ڪنهن خاص صوبي، علائقي، طبقي يا رورل/اربن ورهاست جو مسئلو نه آهي، پر هڪ قومي مسئلو آهي.اهو تصور نه ته مذهبي تعليمات مان ورتل آهي، نه ئي اخلاقي اصولن مان، بلڪه صدين کان هلندڙ روايتن مان جڙيل آهي.جتي به مذهبي تعليم ۽ روايت آمهون سامهون ٿين، اتي ظاهر ۾ ته مذهب جي عزت ٿئي ٿي، پر فتح روايت جي ئي ٿئي ٿي.

مثال طور: جڏهن جائيداد جي ورهاست ڪرڻي پوي، ته مذهبي اصولن بدران روايتن موجب فقط مردن کي حصو ڏنو ويندو آهي. رشتن جي معاملي ۾ ڇوڪري يا ڇوڪر کان مرضي پڇڻ بدران، بزرگن جي چونڊ کي فوقيت ڏني ويندي آهي. جيڪڏهن ڪو انڪار ڪري، ته ان جي قيمت تمام ڳري ادا ڪرڻي پوي ٿي.طلاق جي معاملي ۾ به، مرد آسانيءَ سان طلاق ڏئي سگهي ٿو، پر عورت جيڪڏهن طلاق گهري، ته سمجهيو وڃي ٿو ته کيس خانداني عزت، پنهنجي حياتي ۽ ٻارڙا سڀ ڪجهه قربان ڪرڻو پوندو. باچا خان جو هن ملڪ ۾ نالو ايترو ته مڃيل آهي جو انهن جي نالي سان ايئرپورٽ آهي، پر انهن جو هي قول ڪيترو عزتدار سمجهيو وڃي ٿو؟ ”ڪنهن به سماج جي مهذب هجڻ جو معيار اهو آهي ته اتي عورت سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.“

قانون سازي جو زور موجود قانونن تي عمل ڪرائڻ بدران، قانونن کي وڌيڪ سخت ڪرڻ تي آهي. آئين موجب اسلامي جهموريت ۾ ڪو به قانون شريعت جي خلاف نه ٿو ٺهي سگهي، پر شريعت جي خلاف رواجن تي ڪو عمل نٿو ڪري. پاڪستان شايد دنيا جو اڪيلو ملڪ آهي جتي شرعي، سيڪيولر عدالتون ۽ جرڳا هڪ ئي وقت ”قابل قبول“ آهن. جنهن کي جتان وڻي، اتان انصاف وٺي سگهي ٿو.جيڪڏهن ڪنهن ڪيس جو هڪ ڌُر بااثر هجي، ته پوءِ ڪهڙو جرڳو، ڪهڙي عدالت ۽ ڪهڙو انصاف؟ هي ڪو بگڙيل، پريشان يا اڌو-اڌ نظام ناهي، پر هڪ هوشيار، منصوبابند ۽ چالاڪ حڪومتي انتظام آهي، جنهن سان محروم گهڻائي کي (عورت، مرد ۽ ٻار سڀ شامل) آسانيءَ سان قانون ۽ روايت جي ”ڏنڊي“ سان غلاميءَ لاءِ تيار ڪري سگهجي ٿو.

هن حڪومتي ۽ سماجي ”حسنِ انتظام“ جي پويان: خاندانن، پاڙيسرين قبيلي وارن، سياسي، مذهبي ڌرين، عدالتن ۽ پارليامينٽ جي ڍانچي انتظاميه ۽ قانون تي بي اعتمادي وارن ماڻهن جي يا ته چُپ سپورٽ، يا سڌي واٽ سرپرستي شامل آهي. جيڪو به ان نظام کي للڪاريندو، اهو گويا رياست، بزرگن جي ”اقدارن“ ۽ روايتن سان ٽڪراءُ ڪندو ۽ ان جي سزا لڳ ڀڳ سو في صد آهي جڏهن ته ريپ، قتل، اغوا، يا غيرت جي نالي تي قتل جهڙن ڏوهن جو ثابت ٿيڻ ۽ سزا ٿيڻ جو تناسب 0.5٪ کان به گهٽ آهي. اهو ئي اهو بي خوفيءَ جو نظام آهي، جنهن سبب جيڪو ڏوهاري آهي، سو ئي ”آفتاب“ آهي وقت سان گڏوگڏ ڏوهه جي بي حيائي، بي شرمي، ۽ بي خوفي وڌي وئي آهي. پراڻن دورن ۾ جيڪڏهن ڪنهن کان ڏوهه ٿي پوندو هو ته هو پاڻ کي قانون جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو.

اڄڪلهه ته ”غيرت“ جي نالي تي قتل ڪندڙ يا ريپ ڪندڙ ماڻهو، وڏي بهادري سان پنهنجو ڏوهه تسليم ڪرڻ بدران، سڀ کان وڏا بزدل ثابت ٿين ٿا. ڪوڙي ڳالهه ڪن ٿا، ڏوهه ڪنهن ٻئي جي مٿي تي وجهن ٿا، سفارش، ڌمڪيون ۽ اثر رسوخ استعمال ڪن ٿا. ۽ جڏهن بچي وڃن ٿا، ته بي حيائي سان ”بي گناهي“ جا تمغا پنهنجي سينن تي لڳائين ٿا ۽ خلق خدا، جيڪا صرف طاقت جي زبان سمجهي ٿي، انهن جي آس پاس گڏ ٿيڻ لڳي ٿي.

ميڊيا، سوشل ميڊيا، ڪجهه چونڊيل سياسي نمائندا، ۽ انساني حقن جون ڪجهه تنظيمون ئي آهن جيڪي ٿوري دير تائين ان تي تڪليف جو اظهار ڪن ٿيون. پوءِ جلد ئي ڪا نئين هولناڪ واردات اچي ٿي، جيڪا مذمت لاءِ نئون موضوع بڻجي ٿي. هيءَ اهڙي وسندي آهي، جتي ڏوهه وڌڻ سان ملڪ بدنام نه ٿو ٿئي، پر ڏوهه جي خبر ڏيڻ سان ملڪ بدنام ٿئي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.