گڏهن جي گوشت جو وڪرو!

تحرير: غلام حسين جوڻو

اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾، گھڻين تڻين هوٽلن جو کاڌو غير معياري آهي. تمام ٿورڙيون هوٽلون آهن جيڪي ان معيار ڏانهن ڌيان ڏين ٿيون. پر، اهي گھڻيون مهانگيون آهن. جن ۾ غريب ماڻهو ماني ڪونه ٿو کائي سگھي. باقي اها خبر ڪونه ٿي پوي ته، جيڪو کاڌو تيار ڪيو وڃي ٿو سو حلال آهي يا حرام. ان جي باري ۾ هوٽلن جا مالڪ ئي ٻڌائي سگھن ٿا. ان متعلق عام ماڻهو کي ڪابه خبر ڪونه ٿي پئجي سگھي. جڏهن وڃي ڪا کڙڪ پوي. ڪيترن ئي سالن کان وٺي، ملڪ جي هوٽلن ۾ حرام جانورن جي گوشت جو ٻوڙ گراهڪن کي ڏنو وڃي ٿو. مون کي چٽي يادگيري آهي ته، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت هئي. هو، ملڪ جو وزير اعظم هو. تڏهن نوابشاهه شهر ۾ هڪ هوٽل مان گڏهن جو گوشت هٿ آيو هو. ان وقت هوٽل کي سيل ڪري بند ڪيو ويو. سڄي ملڪ ۾ واويلا مچي ويئي. نوابشاهه ۾ مذڪوره هوٽل جي مالڪ جي خلاف جلوس ڪڍيو ويو هو. سخت نعريبازي پڻ ڪئي ويئي. ان وقت جي انتظاميه به تحرڪ ۾ آئي ۽ هوٽل جي مالڪ ۽ مزدورن جي خلاف قدم کنيو تڏهن عوام خاموش ٿيو هو ۽ جلوس ۽ جلسا ختم ٿيا هئا. عوامي ٺاپر کان پوءِ، نواب شاهه جو ڪاروهنوار هلڻ شروع ٿيو. مون کي ياد آهي ته، ڪيترائي ڏينهن ان هوٽل ۾ ماڻهو ڪونه ويندا هئا. جنهن ڪري هوٽل واري جو نقصان ٿيڻ لڳو، نتيجي ۾ هوٽل جي مالڪ اهو ڪاروبار مورڳو بند ڪري ڇڏيو.

مئلن ۽ بيمار جانور کي ذبح ڪري، ان گوشت جو ٻوڙ تيار ڪرڻ ته هوٽلن وارن جو روزانه جو معمول آهي. جنهن جي سڀني کي خبر آهي. انتظاميه به، ان سلسلي ۾ واقفيت ۽ ڄاڻ رکي ٿي. پر، گڏهن جي گوشت جو وڪرو ته عام ٿيندو پيو وڃي. جيڪو عجيب لڳي ٿو. ڪاسائي حضرات به اهو، گوشت گھرن ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ خوب پئسو ڪمائي رهيا اهن. هوٽل وارن کي به اهي ئي گوشت ڏين ٿا. اهو هڪ ڌوڪو ۽ فريب آهي. ڪوڙ ۽ غداري آهي. خير- نواب شاهه جي ذڪر ڪيل هوٽل کان پوءِ اهو سلسلو روڪجي ڪونه سگھيو ۽ وقفي، وقفي سان جاري و ساري رهيو. حالانڪه فوڊ اٿارٽي وارا به ان تي ڪنٽرول ڪري ڪونه سگھيا آهن انهن کي به خبر ڪونه پئجي سگھي آهي. بس، اهي به نالي ماتر، ٿورو گھڻو ڪم ڪندا رهن ٿا. پر، خاص ٻوٽو ڪونه ٻاريو اٿن. خاطر خواهه نتيجو ڪڍي ڪونه سگھيا آهن. مڙئي پيو جهان هلي. هر هڪ کي ڇوٽ مليل آهي. ڪير به پڇڻ وارو ڪونه آهي. ڇڙواڳي ڏسڻ ۾ پئي اچي. گڏهن، ڪتن ۽ سوئرن جو گوشت وڪرو ٿيڻ ڪو مسئلو ڪونه آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ رپورٽن موجب اسلام آباد جي شهر ۾، گڏهن جو گوشت هٿ آيو آهي. فوڊ اٿارٽي هڪ هنڌ ڇاپو هڻي گڏهن جو 25 مڻ يعني ڇهه سو ڪلو گوشت برآمد ڪيو آهي. اهو گوشت اسلام آباد جي ترنول علائقي مان هٿ ڪيو آهي. جيئرا گڏهه به هٿيڪا ڪيا ويا آهن. فوڊ اٿارٽي اسلام آباد جي ترجمان جو چوڻ آهي ته، اٿارٽي جي ٽيم جي طرفان اهو گوشت ضايع ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر طاهره صديق ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ اٿارٽي اسلام آباد جو چوڻ آهي ته، جاچ ڪريون پيا ته اهو، گوشت ڪهڙن علائقن ۽ هنڌن ۾ وڪرو ڪيو ويو آهي. جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي تفصيل جي خبر پوندي. اڃا جيڪا رپورٽ ڏني ويئي آهي سا ڪيترين ئي ڳالهين کي ظاهر ڪونه ٿي ڪري. بهرحال تفتيش هلندڙ آهي. ٿي سگھي ٿو ته سمورو تفصيل عوام جي سامهون پيش ڪيو وڃي. اهو به امڪان آهي ته، ٿي سگھي ٿو ته جاچ جي رپورٽ ظاهر نه ڪئي وڃي. جيئن اڳ ۾ به ڪافي جاچن جي حقيقتن کي لڪائي هميشہ لاءِ دفن ڪري ڇڏيو ويو آهي. اهي رپورٽون مٽي جي دز ۾ دٻجي ويون.

هي قصو ڪو نئون ڪونه آهي. ماضي ۾ اهڙا کوڙ واقعا ٿيا آهن. جيڪي ڪجهه وسري ويا آهن ته وري ڪجهه ياد به اٿئون. گڏهن جي گوشت کان سواءِ، ڪجهه سال اڳ ريلوي اسٽيشن لاهور تي به اختيارين ڇاپو هڻي سوئرن جو گوشت وڏي تعداد ۾ هٿ ڪيو هو. اهو گوشت به اسلام آباد مان لاهور موڪليو ويو هو. ان واقعي کي گھڻو وقت ڪونه گذريو آهي جو، وسري وڃي. گڏهه جيان سوئر جو گوشت به حرام آهي جيڪو مسلمانن کي نه کائڻ کپي. اسلامي تعليمات موجب، اهو گوشت کائڻ کان منع ڪئي ويئي آهي ۽ روڪيو ويو آهي. جنهن ڪري ان حڪم تي عمل ڪندي اسان کي اهو کائڻ نه گھرجي. پر، هاڻ لڪ ڇپ ۾ اهو کارايو پيو وڃي. جيڪو صريحاً گناهه آهي. پر، اسان وٽ هن اسلامي حڪم کي پوئتي رکيو ويو آهي. هاڻ ته هتي قصو ئي ابتو لڳو پيو آهي. گوشت کائڻ تي دل ئي ڪونه ٿي آماده ٿئي.

هتي اهو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته، ڪيترو وقت گھوڙن جو گوشت به وڪرو ٿيندو رهيو آهي. جنهن ڪري ملڪ مان گھوڙن جو تعداد ڪافي گھٽجي ويو آهي. هاڻ، ڪن شوقينن وٽ گھوڙا بيٺل نظر اچن ٿا باقي اهي گھڻي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن. اڳ ۾ ته ٽانگن ۾ گھوڙا هلايا ويندا هئا. پر، هاڻ ٽانگن جو رواج به ختم ٿي ويو آهي جيئن ٽانگا ختم ٿي ويا آهن ته گھوڙا به غائب ٿي ويا. چون ٿا ته، گھوڙن کي به ڪهي گوشت کائڻ جي استعمال ۾ آندو ويو هو. ٿوري تعداد ۾ گھوڙا قدرتي موت مئا آهن. ٿورو غور ڪرڻ سان سمجهه ۾ اچي ٿو ته، اها ڳالهه ڪنهن حد تائين سچي آهي. آخر، اهي هزارين گھوڙا ڪيڏانهن هليا ويا آهن. اها ڳالهه غور طلب آهي. اهو به خيال آهي ته گھوڙن جو گوشت حرام ڪونه آهي البته مڪروهه تصور ڪيو وڃي ٿو. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته جنگي حالتن ۾ گھوڙي جو گوشت کائي سگھجي ٿو. اها اجازت مليل آهي. دنيا جي ڪن اسلامي ملڪن ۾ گھوڙي جو گوشت وڏي شوق ۽ ذوق سان کاڌو وڃي ٿو

ڪتن جو گوشت به چين جا ماڻهو کائيندا آهن. ڪجهه چيني ڪمپنين جا ماڻهو پاڪستان ۾ ٺيڪا کڻي ڪم ڪرڻ لڳا ته، انهن ڪتن جي گوشت کائڻ کي ترجيح ڏني. چيو وڃي ٿو ته، ڪن مسلمانن کي به غلط بياني ڪري، ڪوڙ ڳالهائي مٽن (ننڍو گوشت) ڪري پيش ڪيو ۽ اهو کاڌي ۾ کارايو. مطلب ته، اسان وٽ حلال جانورن سان گڏ حرام جانورن جو گوشت به کارايو پيو وڃي. حرام گوشت جي سڃاڻپ ڪرڻ به ڏاڍي مشڪل ۽ ڏکئي آهي. باقي رڳو وهم ڪرڻ يا شڪ شهبو ڪري سگھجي ٿو. هونئن به آئون اڳ ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته، معياري کاڌا اسان وٽ ڪونه ٿا ملن. اهو حشر رهيو ته ماڻهو گوشت کائڻ ڇڏي ڏيندا ۽ ساين ڀاڄين کائڻ تي زور ڏيندا. گوشت تسلي وارو ۽ حلال جانور جو ملندو ته کاڌو ويندو. باقي ڪاسائين ۽ هوٽل وارن تي ڪهڙو اعتبار ڪجي. انهن جي ڳالهين تي ڀروسو ڪري نه ٿو سگھجي.

فوڊ اٿارٽي وارن کي گھرجي ته هو پنهنجا فرض ايمانداري سان نڀائين ۽ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي حرام گوشت جي وڪرو ڪرڻ لاءِ قدم کڻن. خاص ڪري ڪوس گھر ۽ هوٽلن تي ڪرڙي نظر رکن. اسان مسلمان آهيون. اسان کي پنهنجي مذهبي عقيدن موجب کاڌو فراهم ڪرڻ ۽ فوڊ اٿارٽي ڀرپور تعاون ۽ سهڪار ڪري ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار نڀائي. رولو گڏهن جو ڪوس بند ٿيڻ کپي. هن وقت اسلام آباد ۾ جيڪو واقعو ٿيو آهي تنهن هوٽلن ۾ ماني کائيندڙن لاءِ ڪيترائي مونجهارا پيدا ڪيا آهن. ۽ سوال ڇڏيا آهن. گڏهن جي گوشت جي ڪري هوٽلن ۽ ڪاسائين جو ڌنڌو به متاثر ٿي سگھي ٿو. انهيءَ ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ رسي سگھي ٿو. جنهن ڪري واسطيدار ۽ لاڳاپيل انتظاميه کي هن طرف خاص ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم تقاضا ۽ گهر آهي. جنهن کي نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.