جسٽن ٽرڊو ۽ ڪيٽي پيريءَ ۾ ويجهڙايون وڌڻ لڳيون، وڊيوز وائرل

اٽاوا(ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ۽ آمريڪي گلوڪارا ڪيٽي پيري جي وچ ۾ رومانوي لاڳاپن جون افواهون زور پڪڙي رهيون آهن.
جسٽن ٽروڊو ۽ آمريڪي گلوڪارا ڪيٽي پيري کي ويجهڙ گڏ رات جي ماني کائيندي ڏٺو ويو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مداحن ۾طرفان سندن لاڳاپن بابت اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن.
ميڊيا رپورٽن موجب، 28 جولاءِ جي شام ٻنهي شخصيتن کي مونٽريال جي هڪ هوٽل۾ گڏ ڊنر ڪندي ڏٺو ويو.
ٻئي پاسي ڪيٽي پيري ۽ جسٽن ٽروڊو ٻنهي جي ترجمانن ان ملاقات بابت تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، پر هڪ وائرل وڊيو ۾ ٻنهي کي خوشگوار موڊ ڏسي سگهجي ٿو.
سوشل ميڊيا تي وائرل تصويرن ۽ وڊيوز ۾ ڪيٽي پيري کلندي ۽ جسٽن ٽروڊو جي بنهه ويجهو ويٺل نظر اچي رهي آهي
دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته ٻنهي جي ذاتي زندگين ۾ تازو ئي وڏيون تبديليون آيون آهن.
ڪيٽي پيري هلندڙ سال جون مهيني ۾ پنهنجي مڱيندي ۽ مشهور اداڪار اورلينڊو بلوم سان 10 سال گڏ رهڻ کانپوءِ مڱڻي ٽوڙي ڇڏي.
جيتوڻيڪ ٻنهي جي وچ ۾ عليحدگي ٿي چڪي آهي پر سندن ڌيءَ ”ڊيزي ڊوو“ جي پرورش ٻنهي جي پهرين ترجيح آهي.
مڱڻي ختم ٿيڻ جي ڪجهه ئي هفتن بعد ڪيٽي پيري کي اورلينڊو بلوم، جيف بيزوس ۽ لورين سانچز سان گڏ اٽلي جي سامونڊي ٻيٺ امالفي ڪوسٽ تي ڏٺو ويو، جيڪو ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته ٻنهي اڳوڻن ساٿين جا لاڳاپا اڃا به خوشگوار آهن.
هواڏنهن جسٽن ٽروڊو گذريل سال آگسٽ ۾ پنهنجي زال صوفي گريگوار سان 18 سالن جي شادي بعد ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.
جوڙي کي گڏيل طور تي ٽي ٻار آهن ۽ جسٽن ٽروڊو پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو هو ته هو اڃا به ”هڪ خاندان“ جي صورت ۾ جُڙيل آهن،۽ اهو فيصلو ٻنهي ڌرين جي گڏيل رضامندي سان ڪيو ويو.
ان صورتحال ۾ جسٽن ٽروڊو ۽ ڪيٽي پيريءَ جي ان ملاقات سوشل ميڊيا تي سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي،
ڪجهه ماڻهو ان نئين رشتي يا امڪاني لاڳاپي جي شروعات قرار ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن جو خيال آهي ته اها رڳو هڪ غير رسمي ملاقات ٿي سگهي ٿي.
بهرحال اڃا تائين ڪيٽي پيري ۽ نه ئي جسٽن ٽروڊو ان ملاقات جي پس منظر يا سبب بابت ڪا وضاحت پيش ڪئي آهي، جنهنڪري ماڻهن ۾ تجسس وڌي رهيو آهي ۽ هو جلد ڪنهن وضاحت جو انتظار ڪري رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.