شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ بدنام ڌاڙيل شهزور ڪمالاڻي جتوئي مارجي ويو.
پوليس موجب ڌاڙيل شهزور ڪمالاڻي قاضي پمپ ڀرسان شر لاڙي تي ڦرلٽ جي نيت سان موجود هو، ڌاڙيلن پوليس پارٽي کي ڏسي فائرنگ ڪئي، شهروز پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جنهن وٽان هٿيار برآمد ڪيا ويا آهن.
پوليس ٻڌايو ته مارجي ويل ڌاڙيل اڳوڻي ايم پي اي غالب حسين ڊومڪي تي قاتلاڻي حملي سميت ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو.
You might also like