اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف کنڊ جي حوالي سان اجلاس ۾ هدايت ڪئي آهي ته معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ کنڊ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اختيارين طرفان کيس بريفنگ ڏني وئي.
اختيارين ٻڌايو ته کنڊ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن خلاف ڪارروائيون جاري آهن.
وزيراعظم پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن ۽ حڪومت وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي.
هن کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 رپيا ۽ ريٽيل 173 رپيا تي سختي سان عملدرآمد جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي به عوام جي معاشي استحصال جي اجازت نه ڏينداسين.
کنڊ معاهدي تي عملدرآمد ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي: وزيراعظم
You might also like