لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ اهم قدم کڻندي ميڊيا ادارن کي سرڪاري اشتهار ۽ مالي ادائيگيون ملازمن کي وقت تي پگهار ادا ڪرڻ سان مشروط ڪري ڇڏيون.
صحافين جي مسئلن جي حل لا پنجاب حڪومت جي قائم ڪيل ڪميٽي جو ٻيو اجلاس سيڪريٽري اطلاعات طاهر رضا همداني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ طئي ڪيو ويو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ادارن کي سرڪاري اشتهارن جون ادائيگيون ورڪرز کي وقت سر پگهار سان مشروط هونديون.
فيصلي موجب ورڪرز کي پگهارون وقت تي ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز (ڊي جي پي آر) کي ادارن کي ادائيگيون روڪڻ جو اختيار حاصل هوندو.
اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته سمورا ميڊيا ادارا ماهوار بنيادن تي پنهنجي ورڪرن کي ڏنل پگهارن جو سرٽيفڪيٽ ڊي جي پي آر وٽ جمع ڪرائڻ جا پابند هوندا.
ڪميٽي فيصلو ڪيو ته صحافين کي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ لازمي تجربي جو مدو 10 سالن مان گهٽائي 5 سال ڪيو ويندو، جڏهن ته ڊمي اخبارن جي خاتمي لاءِ ڊي جي پي آر کي مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو.
ملازمن کي وقت تي پگهارون ڏيندئو ته ادائيگيون ٿينديون! پنجاب حڪومت جو ميڊيا ادارن لاءِ شرط
You might also like