پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت ٽرين جي ڊرائيور بڻجي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ اورنج لائن ٽرين جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت ڊرائيونگ سيٽ سنڀالي ورتي، ندا صالح کي 6 مهينن جي ٽيڪنيڪل تربيت کانپوءِ باقاعدي طور اورنج لائن ٽرين جي ڊرائيور مقرر ڪيو ويو آهي.
وزيراعليٰ مريم نواز خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ندا صالح جهڙيون ڌيئرون اسان سڀني جو فخر آهن ۽ هي قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جون ڌيئرون ڪنهن کان گهٽ ناهن.
هن چيو ته پنجاب حڪومت عورتن کي برابري جا موقعا فراهم ڪندي رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.