لياري جنرل اسپتال جي ڊاڪٽرن جو ڪارنامو، عورت جي پيٽ مان 10 ڪلو وزني ٽيومر ڪڍيو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لياري جنرل اسپتال ۾ ڊاڪٽرن 40 ورهين جي عورت جي ڪامياب سرجري ڪري سندس پيٽ مان 10 ڪلو وزني ٽيومر ڪڍي ورتو.
ڪراچي جي علائقي لياري جي رهواسڻ کي 6 ورهين کان پيٽ ۾ هو، هن ڪيترين ئي اسپتالن جا چڪر ڪاٽيا پر ٽيومر جي آپريشن کان انڪار ڪيو ويو.
نيٺ لياري جنرل اسپتال ۾ ٽن ماهر ڊاڪٽرن هڪ ئي وقت ڊگهي ۽ ڏکئي آپريشن ۾ حصو ورتو ۽ عورت جو ڪامياب آپريشن ڪري سندس پيٽ مان 10 ڪلو وزني ٽيومر ڪڍي ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.