سکر(رپورٽ:اظھر علي دايو) گڊو بئراج وٽ وچولي درجي ۽ سکر بئراج وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ برقرار ڪوٽڙي بئراج کانهيٺ پاڻي وڌڻ تي مهاڻن سميت ڊيلٽائي رهواسين جي چهرن تي مرڪون وکري ويون. گڊو بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري ۔ان سلسلي ۾سکر آبپاشي کاتي سکر بئراج جي ڪنٽرول روم انچارج پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 23 هزار 331 ڪيوسڪ جڏهن ته ھيٺانهون وهڪرو 3 لک 90 هزار 107 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 60 هزار 80.ڪيوسڪ ۽ ھيٺانهون وهڪرو 3 لک. 880 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 56 هزار 355 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانهون وهڪرو 1 لک 13 هزار 890 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آبپاشي کاتي موجب گڊو بئراج وٽ وچولي سکر بئراج وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ جڏھن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي صورتحال نارمل آهي۔