اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي ون چترال مان چونڊيل ايم اين اي عبداللطيف چترالي کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن محفوظ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾سزا ملڻ سبب کيس آرٽيڪل 63 (1) (ح) تحت نااهل ڪيو ويو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهيءَ هيٺ 5 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو، ڪميشن ۾ ڪي پي ميمبر چيو ته عبداللطيف چترالي اشتهاري آهي.