گڊو ۽ سکر وٽ چاڙهه، ڊيلٽا ۾ پاڻي پهچڻ تي سرهائي

سکر(رپورٽ:اظھر علي دايو) گڊو بئراج وٽ وچولي  درجي ۽ سکر بئراج وٽ  هيٺين درجي جي ٻوڏ برقرار ڪوٽڙي بئراج کانهيٺ پاڻي وڌڻ تي مهاڻن سميت ڊيلٽائي رهواسين جي چهرن تي مرڪون وکري ويون. گڊو بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري ۔ان سلسلي ۾سکر آبپاشي کاتي سکر بئراج جي ڪنٽرول روم انچارج پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4  لک 23 هزار 331 ڪيوسڪ جڏهن ته  ھيٺانهون وهڪرو 3 لک 90 هزار 107 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 60 هزار 80.ڪيوسڪ ۽ ھيٺانهون وهڪرو 3 لک. 880 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 56 هزار 355 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانهون وهڪرو 1 لک 13 هزار 890 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آبپاشي کاتي موجب گڊو بئراج وٽ وچولي سکر بئراج وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ جڏھن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي صورتحال نارمل آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.