اسلام آباد(م ڊ) فوڊ سيڪيورٽي بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي حوالي سان اهڙي صورتحال ناهي، جهڙي بيانڪئي پئي وڃي، 6، 7 شگر ملز سان کنڊ جي دستيابي جو معاملو هو جيڪو مون حل ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ کنڊ جي فراهمي جو مسئلو هو جيڪو به حل ٿي ويو آهي، خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم ان ڳالهه جي حق ۾ نه هو کنڊ برآمد ٿئي، قيمت نه وڌڻ جي ڳالهه سيزن جي حوالي سان ڪئي وئي هئي، موسمياتي تبديلي جي ڪري ڪمند جي پيداوار گهٽ ٿي هئي، وزيراعظم فيبروري جي شروع ۾ چيو هو ته کنڊ جي پيداوار گهٽ ٿي آهي ته برآمد روڪيو.