نيويارڪ (م ڊ) اقوام متحده جي سرپرستي هيٺ خوراڪ جي عالمي کوٽ جي نگراني ڪندڙ نظام انٽيگريٽيڊ فوڊ سيڪيورٽي فيز ڪلاسيفڪيشن پاران جاري ڪيل الرٽ موجب، غزه پٽي ۾ هن وقت ڏڪار جو بدترين منظرنامو حقيقت بڻجي چڪو آهي، آءِ پي سي موجب غزه ۾ جاري تڪرار ۽ لڏپلاڻ ۾ شدت آئي آهي، خوراڪ ۽ ٻين بنيادي شين ۽ خدمتن تائين رسائي غيرمعمولي حد تائين گهٽجي وئي آهي، ثبوت ظاهر ڪن ٿا ته وڏي پيماني تي بک، غذائي کوٽ ۽ بيمارين ۽ بک سبب شهيد ٿيندڙن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.