ڪراچي(ارباب چانڊيو)ڪراچي شهر بابت هي چوڻي هلندي اچي ٿي”پنهنجن کي رعايت، غيرن تي سختي“، بلڪل، هي اهو شهر آهي جتي ٻه قانون هلن ٿا،شايد پاڪستان جو اهو واحد شهر هوندو، جتي قانون ٺاهڻ وارا پاڻ ئي قانون تي عمل نٿا ڪن.موٽر سائيڪل هلائيندڙن لاءِ ته ضروري قرار ڏنو ويو آهي ته هو نئين نمبر پليٽ لڳائين، پر اسيمبلي جي ميمبرن لاءِ اهو شرط لاڳو ناهي؟ هي آخر ڪهڙو ماجرو آهي؟ سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي ڪيترين ئي گاڏين ۾ اڃا تائين سرڪاري طور جاري ڪيل نئين نمبر پليٽ ناهي، جڏهن ته پوري صوبي خاص ڪري ڪراچي جي عام شهري کي نئين نمبر پليٽ لڳائڻ لاءِ پابند ڪيو ويو آهي۔موٽر سائيڪل، رڪشا، ٽيڪسي، ننڍي وڏي ڪا به گاڏي ڇو نه هجي، سڀني لاءِ نئون نمبر پليٽ لازمي آهي، پر اسيمبلي جي گاڏين لاءِ ناهي؟ ابتي گنگا وهي پئي رهي آهي، موٽر سائيڪل سوارن کي ٽرئفڪ پوليس اهڙيءَ ريت گهيريندي آهي ڄڻ ڪو ڏوهاري هجي، چالان، لائسنس، گاڏي جا ڪاغذ، نمبر پليٽ ، سڀ ڪجهه طلب ڪيو وڃي ٿو،جيڪڏهن نئين نمبر پليٽ ناهي ته هڪدم 2500 رپين جو چالان هٿ ۾ ڏئي ڇڏين،چالان جي مد ۾ اربين رپين جي ڦرلٽ ڪئي وئي آهي، اها حالت ان موٽر سائيڪل هلائيندڙ جي آهي جنهن وٽ شايد 200 رپين جو پيٽرول به نه هجي،اڄڪله ٽريفڪ پوليس وارا ”دشمن جي ڳولا“ وانگر موٽرسائيڪل واري جي ڳولا ۾ لڳل آهن،ان جي مقابلي ۾ جن وٽ لينڊڪروزر يا وڏيون گاڏيون آهن، انهن کي پروٽوڪول ملي ٿو، سلام، هٿ جو اشارو، نرم سوال، ۽ وڃڻ جي اجازت۔ انهن جي نمبر پليٽ به اڪثر نه هوندي آهي، پر انهن کي ڪو نه ٿو روڪي،اسيمبلي اهو قانون پاس ڪيو، ته اجرڪ واري نئين نمبر پليٽ سڀني تي لاڳو آهي، پر ان جي ئي ميمبرن تي ڇو نه؟انهن جي گاڏين تي پراڻيون نمبر پليٽون لڳل آهن، اسپيڪر کي گهرجي ته جيڪو ميمبر نئين نمبر پليٽ نٿو لڳائي، ان جي داخلا بند ڪئي وڃي۔يا ته هو اهڙي گاڏي ۾ اچن جنهن تي نئين نمبر پليٽ هجي، يا ٽرئفڪ پوليس ساڻن به عام شهري وانگر پيش اچي، پر ٿئي ته ان جي ابتڙ ئي ٿو، لينڊڪروزر واري وڃي ٿو ته رستو بند، سلوٽ، پر ساڳئي وقت موٽر سائيڪل هلائيندڙ جي چابي ڇڪي وٺڻ، ڪاوڙ، سختي ۽ بدسلوڪي ٿئي ٿي، قانون جي نالي تي جيڪو ڪجهه هلي پيو آهي، اها ته ڦرلٽ آهي، انصاف ته ان ۾ نظر ئي نٿو اچي،هي تي لٽيرن جو قانون بڻايو ويو آهي، انصاف اهو آهي ته پهرين وڏين گاڏين وارن کي پابند ڪيو وڃي، پوءِ موٽر سائيڪل وارن کي، جيڪڏهن نئين نمبر پليٽ نٿي ملي ته موٽر سائيڪل وارن لاءِ في الحال رعايت ڏني وڃي،شهرين جي بددعائن کان بچڻ لاءِ سڀ کان پهرين وڏين گاڏين کي نين نمبر پليٽن تي آندو وڃي پوءِ موٽرسائيڪل وارن کي پابند ڪيو وڃي،هڪ تجويز به اها به آهي ته لينڊڪروزر ۽ ٻين وڏين گاڏين جي فيس 2500 يا ان کان مٿي ڪري ڇڏيو،اهي خوشي خوشي ڏئي ڇڏيندا،موٽرسائيڪل لاءِ فيس 500 يا هزار رپيا مقرر ڪريو، موٽر سائيڪل هلائيندڙ اوهان جو ووٽر آهي، عام شهري آهي، ان تي رحم ڪيو وڃي، جڏهن ته مستقبل ۾ ڪراچي ۾ هڪ ٻئي قانون جي نالي سان به سختي ٿيڻ واري آهي،ان بابت ڳالهائيندي اسان جا به پر سڙن ٿا،شهرين کي سهولت ڏيڻي پوندي آهي،ظلم ۽ زيادتي سان ڪم نه هلندو،هن اشو کي اجرڪ جو اشو بڻائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو،سموريون سياسي جماعتون ان معاملي تي گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائين،سڀ مطالبو ڪن ته في الحال توهان موٽرسائيڪل سوارن کي ڇوٽ ڏيو،پهرين وڏين گاڏين کي نمبر پليٽن تي آندو وڃي،لساني تعصب پکيڙڻ سان ڳالهه نه ٺهندي،اهو شهرين جي بنيادي حقن جو مسئلو آهي،