ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي اميرڪاشف سعيد شيخ وفد سان گڏجي ايس يو پي جي سربراهه سيد زين شاهه سان ڪراچي واري رھائش گاھ تي ملاقات ڪئي. ھن سيد زين شاهه کي حج جي سعادت حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ديني ڪتاب ۽ قرآن پاڪ جو تحفو پڻ پيش ڪيو. جڏھن تہ ٻنھي اڳوڻن ڪارپوريٽ فارمنگ جي ذريعي سنڌ جي زمينون ناجائز طريقي سان ڪمپني سرڪار کي الاٽ ڪرڻ بدامني سميت سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين خلاف جدوجهد تيز ڪرڻ تي اتفاق توڙي گڏيل دلچسپي جي مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سيد زين شاهه چيو ته اسان شيطاني قوتن سان مھاڏو اٽڪائڻ جو عزم ڪري ميدان ۾ لٿا آھيون. ھن وقت سنڌ شڪارين جي ور چڙهيل آھي جنھن کان بچائڻ سنڌ جي ھر حلالي پٽ جي ذميواري آھي. ڪشمور اترسنڌ سميت بدين ڪوسٽل بيلٽ ۾ پڻ حالات اھڙا پيدا ڪيا پيا وڃن تہ جئين ھتان مقامي ماڻھو لڏپلاڻ ڪري وڃن ۽ ڪمپني سرڪار جو قبضو مڪمل ٿي وڃي. ڪاشف سعيد شيخ چيوته پاڻي توڙي ڪارپوريٽ فارمنگ واري جاکوڙ ۾ اجتماعي شعور جو مظاھرو ڪري سنڌ جي ماڻھن سنڌ کي پ پ جي کيسي ۾ ھجڻ وارو تاثر ختم ٿي ڇڏيو آھي. حقيقت ھي آھي ته پاڻي تحريڪ اورھ زورآور طاقتور قوتن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون ۽ انھن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. سموري سنڌ بدامنيءَ جي باھ ۾ ٻري رھي آھي تہ ٻئي طرف سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي جا ڪوڙا بيان سنڌ جا وزير ڏيئي رھيا آھن. سنڌ جي صرف ھڪ شھر ڪنڌڪوٽ مان 30فيصد آبادي جڏهن تہ 50سيڪڙو اقليتي برادري لڏپلاڻ ڪري وئي آهي.آخر ۾ ٻنھي اڳوڻن سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي جدوجهد کي تيز ڪرڻ لاءِ جلد مشاورتي اجلاس ڪوٺائڻ تي اتفاق ڪيو. وفد ۾ جماعت اسلامي سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالقدوس احمداڻي، الطاف احمد ملاح، اطلاعات سيڪريٽري مجاھد چنا ۽ وڪيل اڳواڻ آغا عبدالفتاح پٺيان پڻ شامل هئا.