هاڻي ٽِڪ ٽاڪ پاڪستاني واهپيدارن کي قدرتي آفتن دوران بچاءَ جا طريقا ٻڌائيندو

ٽِڪ ٽاڪ ۾ پاڪستان واهپيدارن لاءِ قدرتي آفتن دوران بچاءُ بابت اهم فيچر متعارف
جڳ مشهور وڊيو شيئرنگ ايپ ايپ ٽِڪ ٽاڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏسڻ لاءِ واهپيدارن جي تحفظ ۽ صحيح ڄاڻ تائين رسائي لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو.
ٽڪ ٽاڪ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان ۾ چوماسي برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي واهپيدارن مستند ۽ تازي ڄاڻ مهيا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ نئين سرچ گائيڊ لانچ ڪئي وئي آهي، جيڪو پليٽفارم تي تحفظ ۽ حقيقتن تي ٻڌل آگاهي کي وڌائڻ جي ڪوششن جو حصو آهي.
هن فيچر جو مقصد قدرتي آفتن بابت غلط ڄاڻ جي روڪٿام ڪندي تصديق ٿيل معلومات مهيا ڪرڻ آهي.
جڏهن واهپيدار ٽڪ ٽاڪ تي ٻوڏ بابت ڄاڻ ڳوليندا ته کين کي هڪ بينر واضح طور تي نظر ايندو، جيڪو معتبر ذريعن وٽان ڄاڻ جي تصديق ڪرڻ جو مشورو ڏيندو.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

سرچ گائيڊ ذريعي صارفين سڌي ريت نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) تائين پهچي سگهندا، جتان پاڪستان ۾ قدرتي آفتن بابت تصديق ٿيل ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي.
ان گائيڊ ۾ ٽِڪ ٽاڪ جي سيفٽي سينٽر تي موجود وسيلن ۽ ٽريجڪ ايونٽ سپورٽ گائيڊ جا لنڪس پڻ ڏنا ويا آهن، جيڪي پريشان ڪندڙ واقعن سبب متاثر ماڻهن لاءِ عملي مدد فراهم ڪن ٿا.
ٽِڪ ٽاڪ گائيڊ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته سانحو ڪهڙن واقعن کي چيو وڃي ٿو، جن ۾ قدرتي آفتن کان وٺي ذاتي نقصان تائين سڀ شامل آهن.
گائيڊ واهپيدارن کي ذهني صحت جي مدد تائين رسائي بابت ڄاڻ مهيا ڪري ٿي ۽ اهڙن واقعن بابت مواد ذميواري سان شيئر ڪرڻ يا رپورٽ ڪرڻ جا اصول به ٻڌائي ٿي.
واهپيدار سڌ سنئون [www.tiktok.com/safety](http://www.tiktok.com/safety) تي به وزٽ ڪري سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.