ڪوٽڙي (رپورٽر) سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سان زندگي جي رونق ٻيهر موٽي آئي ۽ مهاڻن جي چهرن تي مرڪون اچي ويون آهن.
ڪجهه مهينا اڳ ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي وارو علائقو سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويو هو، جتي درياهه جو وهڪرو بند ٿيڻ سبب زندگيءَ جو ڦيٿو بيهي ويو هو ۽ سامونڊي پاڻي درياهه جي حدن تائين پهچي ويو هو.
تازو چوماسي برساتن کانپوءِ درياهه ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سان ڪنارن تي بيٺل خالي ٻيڙين ۾ ٻيهر جوش اچي ويو آهي، گڏوگڏ مڇي جي پيداوار ۾ واڌ ٿي آهي، خاص طور تي ”پلو“ وڏي انگ ۾ نظر اچي رهيو آهي، جنهن سان مهاڻن جي خوشي جي لهر ڇانئجي وئي آهي.
مهاڻن جو چوڻ آهي ته وڏي عرصي کانپوءِ اسان جا ٻار ڀرجي اچڻ لڳا آهن ۽ هاڻ روزگار جون اميدون نئين سر جاڳي پيون آهن.
مقامي ماڻهن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته مڇي جي صنعت کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ فوري طور وڌيڪ قدم کنيا وڃن ته جيئن مهاڻن جو مستقبل محفوظ ٿي سگهي.
You might also like