بجلي ڪمپنيون عوام کي اجتماعي سزا ڏيڻ بدران پري پيڊ ميٽر لڳائين: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون عوام کي اجتماعي سزا ڏئي رهيون آهن، جڏهن ته پري پيڊ ميٽر مسئلن جو حل آهي. جڏهن هر ڪنهن وٽ پري پيڊ ڪنيڪشن هوندو ته ڪا به شڪايت نه ايندي.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي شرجيل ميمن چيو ته پري پيڊ ميٽر ئي حل آهي، ڪي اليڪٽرڪ سميت سڀني ڊسٽريبيوشن ڪمپنين کي پري پيڊ ميٽر لڳائڻ گهرجن، وقت تي بل ڀريندڙن کي ٻين جي بل نه ڀرڻ جي سزا نه ملڻ گهرجي.
هن وزيراعظم ۽ نيپرا جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پري پيڊ ميٽرن بابت فوري طور قدم کنيا وڃن.
سينيئر وزير چيو ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون پنهنجو قبلو درست ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، سنڌ اسيمبلي جي هر دور ۾ ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو خلاف ٺهراءَ منظور ٿين ٿا پر افسوس ته انهن لاڳاپيل ادارن جي ڪَن تي جونءَ به نٿي چُري.
شرجيل ميمن اهو به چيو ته 50 ڊگري سينٽي گريڊ واري سخت گرمي ۾ رهندڙن لاءِ سولر سسٽم فراهم ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
آخر ۾ هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن مسئلن جو مستقل حل ڳوليو وڃي، ڊسڪوز يا ته پري پيڊ ميٽر لڳائين يا وري عوام کي اجتماعي سزا ڏيڻ بند ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.