نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي لوڪ سڀا ۾ تقرير ڪندي مودي ۽ ان جي سرڪار تي ڇتي تنقيد ڪئي.
راهول گانڌي چيو ته جيڪڏهن توهان ڪا جنگبندي نه ڪئي ۽ پاڪ فضائيا ڀارت جا جهاز نه ڪيرايا ته توهان لوڪ سڀا ۾ بيهي چئو ٽرمپ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي.
هن وزيراعظم مودي تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن توهان ۾ همت آهي ته هاڻ پارليامينٽ ۾ بيهي آمريڪي صدر جي بيان جي ترديد ڪيو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مودي ۾ اندرا گانڌي جهڙي جرئت آهي ته حقيقت بيان ڪري ۽ قوم کي گمراهه ڪرڻ بدران پاڪستان سان جنگ ۾ جيڪو ٿيو اهو سمورو سچ ٻڌائي.
راهول گانڌي چيو ته دنيا ۾ هڪ به ملڪ ناهي، جنهن پاڪستان جي مذمت ڪئي هجي، مودي سرڪار کي چيو ويو سرينڊر ڪيو ته ان اڌ ڪلاڪ ۾ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، حڪومت منهنجي ڳالهه مڃي ها ته 5 جهاز نه ڪِرن ها.
ڀارتي پارليامينٽ ۾ به پاڪستان جي فتح جا چرچا، مودي ۾ همت آهي ته ٽرمپ کي ڪوڙو چئي: راهول گانڌي
You might also like