” ڀارت ايشيا ڪپ ۾ نه کيڏندو ته ٽورنامينٽ به نه ٿيندي“ مودي سرڪار تي پاڪستان جي بائيڪاٽ جو دٻاءُ وڌڻ لڳو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي اعلان کانپوءِ ڀارتي ميڊيا، اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ سياستدانن جي واويلا جاري آهي، جڏهن ته مودي سرڪار تي ٽورنامينٽ جو بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو آهي.
ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي جي اجلاس ۽ ايونٽ جي اعلان کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته مودي سرڪار پاڪستان کي ڪنهن به صورت ۾ واڪ اوور ڏيڻ جي حامي ناهي، ڇوته اهڙي صورت ۾ پاڪستان ايشيا ڪپ کٽي ويندو.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ ڀارت جي ٽورنامينٽ آهي ۽ ان ۾ پاڪستان سان کيڏڻ مناسب ناهي، جيڪڏهن ڀارت نه کيڏندو ته ٽورنامينٽ ئي نه ٿيندي، ڀارت جي ميزباني ۾ پاڪستان جي شرڪت ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.
ان کانسواءِ ڀارتي پارليامينٽ ۾ به بائيڪاٽ جو مطالبو زور پڪڙي رهيو آهي، مخالف ڌر مودي سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جڏهن پاڪستان سان واپار سميت هر شيءِ بند آهي ته پوءِ ڪرڪيٽ ڇو جاري آهي؟
ياد رهي ته ايشيا ڪپ ڀارت جي ميزباني هيٺ يو اَي اي ۾ 9 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو، جتي پاڪستان ۽ ڀارت گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا ۽ ٻنهي ٽيمن جي فائنل ۾ پهچڻ جي صورت ۾ ٽي ڀيرا ٽاڪري جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.