نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ بيهوش عورت کي اسپتال منتقل ڪندي ايمبولينس ۾ مبينا طور اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب بهار رياست جي ڳوٺ بوڌگيا ۾ پوليس ۾ ڀرتي لاءِ ٽيسٽ رٿي وئي، جتي ٽيسٽ لاءِ ڊوڙ ۾ شريڪ 26 ورهين جي عورت اميدوار بيهوش ٿي وئي، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال روانو ويو.
اسپتال ويندي عورت کي ڊرائيور ۽ ٽيڪنيشن مبينا طور اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو.
عورت جي گهر ڀاتين پوليس وٽ شڪايت داخل ڪرائي ته ڀرتي لاءِ عورت اميدوارن جي اچڻ باوجود ايمبولينس ۾ عملي جي ڪا عورت موجود نه هئي.
پوليس واقعي کانپوءِ جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري کين گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته عورت به بيان به قلمبند ڪيو ويو آهي.
You might also like