اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽرول ۽ ڊيزل بدران اليڪٽرانڪ گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن کي هٿي ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته هڪ لک 16 هزار اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون ٻن سالن جي قسطن تي ڏنيون وينديون.
ذريعن موجب اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن لاءِ قسطن ۽ سبسڊي واري اسڪيم تيار ڪرڻ جو ڪم آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، وزيراعظم شهباز شريف آزادي ڏهاڙي تي نئين اي وي پاليسي جو اعلان ڪندو.
اسٽيٽ بئنڪ ۽ بئنڪ ايسوسيئيشن طرفان اسڪيم جو خاڪو تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت هر موٽرسائيڪل ۽ رڪشي لاءِ 50 هزار رپين جي سبسڊي ڏني ويندي، اسڪيم تحت اهل ٿيڻ لاءِ عمر جي حد 18 کان 65 سال مقرر ڪئي وئي آهي.
هڪ اليڪٽرڪ موٽر سائيڪل جو اگهه 2 لک 50 هزار رپيا هجڻ جو ڪاٿو آهي، جنهن مان 50 هزار رپيا سبسڊي طور ڏنا ويندا، جڏهن ته باقي 2 لک رپيا قسطن جي صورت ۾ ادا ڪرڻا پوندا.
ذريعن مطابق 17 ڪمپنيون اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون ٺاهڻ لاءِ لائسنس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪيون آهن ۽ پاليسي موجب 2030 تائين 30 سيڪڙو اليڪٽرڪ گاڏين جو هدف مقرر آهي.
اي وي پاليسي جي ڪاميابي لاءِ ايندڙ پنجن سالن ۾ 100 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪئي ويندي.
You might also like