لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان جي انجري سبب ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ جو امڪان آهي.
ڪُلهي جي انجري جو شڪار آل رائونڊر جولاءِ ۾ برطانيا ۾ آپريشن ڪرايو هو، جنهن کانپوءِ کيس بنگلاديش خلاف سيريز ۾ اسڪواڊ جو حصو نه بڻايو ويوهو ۽ هاڻي ويسٽ انڊيز جي دوري دوران به کيس ٽيم۾ شامل ناهي ڪيو ويو.
ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت 9 کان 28 سپٽيمبر تائين گڏيل عرب رياستن ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته شاداب خان کي سرجري کانپوءِ مڪمل صحتيابي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽن مهينن جو وقت گهربل آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
ذريعن موجب، شاداب خان آڪٽوبر تائين مڪمل طور فٽ ٿي ويندو، پي سي بي پاڪستاني ٽيم جي نائب ڪپتان جي متبادل جو اڃا تائين اعلان نه ڪيو آهي.
ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ 12 سپٽيمبر تي عمان خلاف کيڏندو، جڏهن ته 14 سپٽيمبر تي پاڪ-ڀارت ٽاڪرو شيڊيول آهي.