ڊبليو سي ايل ۾ پاڪستان آخري گروپ ميچ به کٽي ورتي، آسٽريليا کي عبرتناڪ شڪست

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ۾ پاڪستان ليجنڊز پنجين ۽ آخري ميچ ۾ آسٽريليا ليجنڊز کي ڏهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان ليجنڊز جي ڪپتان شعيب ملڪ ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
آسٽريليا جا بيٽر پاڪستاني بالرن اڳيان بي وس ٿي ويا ۽ پوري ٽيم 11.5 اوورن ۾ صرف 74 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. آسٽريليا طرفان بين ڊنڪ 26 رنسون ٺاهي سگهيو، جڏهن ته نوَ ڪينگرو بيٽر ڊبل فيگر تائين به نه پهچي سگهيا.
پاڪستان جي سعيد اجمل شاندار بالنگ ڪندي ڇهه وڪيٽون ورتيون، عماد وسيم ٻه، سهيل تنوير ۽ سهيل خان هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

پاڪستان ليجنڊز 75 رنسن جو هدف 7.5 اوورن ۾ بنا ڪنهن نقصان جي پورو ڪري ورتو، شرجيل خان 32 ۽ صهيب مقصود 28 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
سعيد اجمل کي شاندار بالنگ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.