لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ گردن جي غير قانوني پيوندڪاري جو نيٽ ورڪ وائکو ٿي ويو.
پنجاب هيومن آرگن ٽرانسپلانٽ اٿارٽي جي ترجمان موجب شيخوپورا مان گردن جي غير قانوني پيوندڪاري ۾ ملوث گروهه کي گرفتار ڪيو ويو.
ترجمان ٻڌايو ته فيصل آباد روڊ تي نجي اسپتال ۾ گردن جي غير قانوني پيوندڪاري ٿي رهي هئي، اسپتال جي ڊاڪٽر ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ٿيلن ۾ آپريشن ٿيٽر ٽيڪنيشنز، ايجنٽ ۽ مددگار عملو شامل آهي.
ترجمان چيو ته شيخوپورا جي رهواسي جو گردو ڪڍي آفريقي شخص کي لڳائڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي، غير قانوني پيوندڪاري لاءِ گروهه 70 لک رپيا وصول ڪيا هئا، جڏهن ته ڊونر کي ڪا رقم ادا نه ڪئي وئي هئي.
You might also like