ڪراچي: ڪلفٽن ۾ قتل ڪيل مرد ۽ عورت ڪير هئا؟ اهم اڳڀرائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪلفٽن چانئا پورٽ ڀرسان هٿ ايندڙ مرد ۽ عورت جي لاشن جي سڃاڻپ ٿي وئي، ٻئي شادي ڪرڻ جا خواهشمند هئا ۽ 15 جولاءِ تي گهر ڇڏي ويا هئا.
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب مقتول ساجد مسيح ۽ مقتولا ثنا آصف جو واسطو گوجرانوالا جي هڪ ئي ڳوٺ سان هو، مقتولا جي ڀاءُ وقاص گوجرانوالا ۾ 17 جولاءِ تي ڀيڻ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ۾ ساجد سميت 4 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو هو.
هن چيو ته ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ گوجرانوالا پوليس سان مسلسل رابطي ۾ آهيون ۽ فريادي وقاص کي گوجرانوالا پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته ڪراچي پوليس گوجرانوالا ويندي.
پوليس موجب ساجد ۽ ثنا جي وارثن مان ڪنهن به رابطو نه ڪيو ته واقعي جو ڪيس سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويندو، ٻنهي قتل ۾ امڪاني طور ڪو ويجهو مائٽ ملوث ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.