ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار ۽ هدايتڪار ياسر حسين کي بالي ووڊ دبنگ اسٽار سلمان خان جي باڊي گارڊ شيـرا سان شادي بابت اسٽوري شيئر ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ويجهڙ ياسر حسين انسٽاگرام تي هڪ خبر جي سُرخي جو اسڪرِين شاٽ شيئر ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو ته ”سلمان خان هڪ تقريب ۾ پنهنجي باڊي گارڊ شيـرا سان شادي ڪري ڇڏي“
ان خبر سان گڏ ياسر حسين پنهنجي اسٽوريءَ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ” ”اميد آهي ته اها خبر ڪوڙي هوندي.“
اسٽوري وائرل ٿيندي ئي ڪيئي سوشل ميڊيا واهپيدارن سلمان خان جي حمايت ڪندي ياسر حسين تي ڪاوڙ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو
هڪ واهپيدارن لکيو ته” ڪڏهن ڪا سٺي ڳالهه به ڪندا ڪريو“ جڏهن ته هڪ ٻئي صارف لکيو ته ” ڪيڏي غلط ڳالهه آهي.“
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
فريحا ارشد نالي واهپيدارن ياسر کي واضح ڪيو ته ”سلمان ڀائي مان اهڙي اميد ناهي“ جڏهن ته ثوبيا نالي صارف چيو ته ” ياسر حسين کي چُپ رهڻ گهرجي ۽ اهڙي قسم جا افواهه نه پکيڙڻ گهرجن، کيس شرم اچڻ گهرجي.“
واضح رهي ته سلمان خان جي شيـرا سان شادي بابت افواهه هڪ انسٽاگرام اڪائونٽ ”balance\_singhh“ جي طنزيه پوسٽ کانپوءِ سامهون آيون، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ”سلمان خان پنهنجي باڊي گارڊ شيـرا سان سرپرائز شادي ڪري ڇڏي.“
پوسٽ سان گڏ شيـرا جي سلمان خان کي ڀاڪر پائيندي هڪ تصوير پڻ شيئر ڪئي وئي، پر ان ۾ ئي وضاحت موجود هئي ته هيءَ طنزيه خبر ۽ ميم آهي، جنهن ۾ ڪا به سچائي ناهي.