چين: طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهي، 30 ڄڻا اجل جو شڪار، هزارين لڏپلاڻ تي مجبور

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، جڏهن ته مختلف واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
چين جي اترين علائقن مان سامهون آيل وڊيوز ريسڪيو عملي کي ماڻهن کي ٻوڏ متاثر علائقن مان ڪڍڻ ۽ ڦاٿل ماڻهن تائين هيليڪاپٽرن ذريعي کاڌو ۽ پيئڻ جو پاڻي پهچائڻ جي ڪوشش ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، مختلف علائقن ۾ ڦاٿل 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ريسڪيو ڪري محفوظ علائقن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

بيجنگ سان لڳندڙ هيبي صوبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.
چيني صدر ريسڪيو عملي کي متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي هدايت ڪندي بدترين حالتن لاءِ تيار رهڻ جو حڪم ڏنو آهي.
موسمياتي رپورٽن موجب، بيجنگ ۾ اڄ برساتن ۾ وقفي جو امڪان آهي، جنهن سان ريسڪيو عملي کي پنهنجو ڪم ڪرڻ جو وڌيڪ موقعو ملي سگهي ٿو.
واضح رهي ته هن اونهاري ۾ چين جي ڪيترن علائقن ۾ موسم جي شدت ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن ۾ گرميءَ جي لهر کان وٺي ٻوڏ تائين جا واقعا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.