اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي لوڪ سڀا جي ميمبر امريندر سنگهه راجا پاڪ – ڀارت جنگ دوران رافيل جهاز ڪِرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
آپريشن سندور جي ناڪامي جا چرچار ڀارتي لوڪ سڀا ۾ به پهچي ويا، جتي اپوزيشن طرفان نريندر مودي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
اپوزيشن جماعت ڪانگريس سان واسطو رکندڙ لوڪ سڀا جي ميمبر امريندر سنگهه راجا چيو ته پنجاب ۾ بسيانه ايئر فورس اسٽيشن وٽ هڪ ويڙهاڪ جهاز جو ملبو ڪريو، اهو ملبو رافيل جهاز جو هو، جنهن تي 001-BS لکيل هو.
هن اجلاس دوران جهاز جي ملبي جون تصويرون به ڏيکاريون.
سندس چوڻ هو ته ڀارتي حڪومت پنهنجي فوج کي هٿ پير ٻڌي حملي لاءِ موڪليو، ڀارتي فضائيا جي ايئر مارشل به جهاز ڪرڻ جي تصديق ڪئي پر هن چيو ته هڪ اڻڄاتل جهاز ڪريو آهي، ائين قوم کي بي وقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
You might also like