ٽرمپ مودي سرڪار کي لوڏي ڇڏيو، سک اڳواڻ گرپتونت سنگهه کي خط

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مودي سرڪار کي سفارتي سطح تي هڪ ٻيو جهٽڪو ڏيندي خالصتان تحريڪ جي حامي تنظيم سک فار جسٽس جي اڳواڻ گروپتونت سنگهه پنون کي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ آمريڪي شهرين جي حقن ۽ سلامتي لاءِ ويڙهه جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي.
ڀارت کان عليحدگي لاءِ سرگرم خالصتان تحريڪ جي حامي تنظيم سک فار جسٽس جي اڳواڻ گروپتونت سنگهه پنون آمريڪي صدر طرفان لکيل خط پنهنجي ايڪس پوسٽ ۾ شيئر ڪيو.
آمريڪي صدر خط ۾ واضح ڪيو ته مان پنهنجي شهرين، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي قدرن کي سڀ کان اڳ رکان ٿو، جڏهن آمريڪا محفوظ هوندو، تڏهن دنيا به محفوظ هوندي، مان پنهنجي شهرين جي حقن ۽ سلامتي لاءِ وڙهڻ ڪڏهن نه ڇڏيندس.
صدر ٽرمپ جو اهو خط اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن 17 آگسٽ تي واشنگٽن ۾ خالصتان تحريڪ جو ريفرنڊم ٿيڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.