نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گهرو وزير وزير امِت شاهه لوڪ سڀا ۾ خطاب دوران اڳوڻي گهرو وزير پي. ڪي. چدمبرم جي بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
ياد رهي ته هلندڙ سال 22 اپريل تي والاريل ڪشمير جي سياحتي علائقي پهلگام ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 26 شهرين مارجي ويا هئا، جنهن جو الزام ڀارت بنا ڪنهن جاچ جي پاڪستان مٿان هنيو هو.
اڳوڻي ڀارتي گهرو وزير چدمبرم هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته مودي سرڪار وٽ ڪهڙو ثبوت آهي ته حملي ۾ ملوث دهشتگرد پاڪستان مان آيا؟ حملا ڪندڙ ڀارتي به ٿي سگهن ٿا ۽ شايد هنن کي ڀارت ۾ ئي دهشتگردي جي تربيت ڏني وئي هجي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
امِت شاهه لوڪ سڀا ۾ سوال اٿاريو ته چدمبرم پاڪستان کي ڪلين چٽ ڇو ڏني؟ پاڪستان کي بچائي توهان کي ڇا ملندو ؟
هن دعويٰ ڪئي ته اسان وٽ ثبوت آهن، دهشتگردن وٽان پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ۽ چاڪليٽ هٿ آيا آهن ۽ واقعي ۾ ملوث 3دهشتگرد آپريشن ” مهاديو “ مارجي ويا آهن.
واضح رهي ته ڀارت ”آپريشن سندور“ جي ناڪامي لڪائڻ لاءِ آپريشن مهاديو جي نالي سان ٻيهر جڙتو مقابلا شروع ڪيا آهن ۽ تازو ئي سرينگر ڀرسان داڇي گام ۾ هڪ جعلي مقابلي ۾ 3 نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو آهي.
پاڪستان پهلگام واقعي جي مذمت ڪندي شفاف ۽ اڻ ڌري جاچ لاءِ هر ممڪن سهڪار جي آڇ ڪئي هئي، پر ڀارت اڃا تائين جاچ مڪمل نه ڪئي آهي ۽ پاڪستان خلاف الزام مٿان الزام مڙهي رهيو آهي.