بلاول ڪاڪا قتل ڪيس جي مک جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد

حيدرآباد(رپورٽر)حيدرآباد جي عدالت بلاول ڪاڪا قتل ڪيس جي مک جوابدار شاھه سوار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي،فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت جوابدار شاھه سوار جي ضمانت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، 25 جولاءِ تي ضمانت واري درخواست تي عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جوابدار شاھه سوار جي ضمانت رد ڪئي آھي،  فريادي ڌر جي وڪيل مير احمد مڱريو ۽ جوابدار ڌر جي وڪيل ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري پنھنجا دليل ڏنا ھئا، ياد رھي ته 2022 ۾ بلاول ڪاڪا کي سپر سلاطين ھوٽل تي مبينا قتل ڪيو ويو ھو ۽ ڪيس ۾ شاهھ سوار جا ٻه پٽ بختيار ۽ ملھيار روپوش آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.