اوٻاوڙي ۾ پورهيت قتل،ايس ايڇ او معطل

اوٻاوڙو رپوٽ :عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو ۾ بدامني جي باھ گذريل رات دير سان  قومي شاهراھ تي مانڊلي ( دڪان) تي ٻه موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن جي ڪاھ ڪري فائرنگ ڪري ڏني جتي گوليون لڳڻ سبب  مانڊلي هلائيندڙ مسلم ڪالوني جو رھواسي  پورهيت نوجوان وزير احمّد ڪلهوڙو موقعي تي قتل ٿي ويو سخت فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس ڦھلجي ويو مقتول نوجوان وزير احمد ڪلهوڙو جي ڀاءُ غلام فريد ڪلهوڙو صحافين آڏو دانهون ڪندي چيو ته ڪجھ عرصو اڳ بدنام ڏوهاري قبول شر جي ٽولي  منهنجي ڀاءُ کان ڦر ۽ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي جنهن بعد ساڳيا هٿياربند ٽي ڏوهاري  سي پيڪ وٽ رانوتي پوليس جي مقابلي ۾ مارجي ويا ھئا جنھن کان پوءِ شر برادري جو بدنام ڌاڙيل ظهور شر اسان کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندو ھو  ڌاڙيل ظھور شر گذريل رات دير سان  چئن هٿياربندن سان گڏجي  فائرنگ ڪري منهنجي ڀاءُ کي بيگناه قتل ڪيو آهي،ٻئي پاسي  نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھوڏانھن اھڙي واقعي کان پوء ايس ايس پي گھوٽڪي انور کيتران ايس ايڇ او رمضان ملاح کي هٽائي رفيق احمد سومري کي مقرر ڪري جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.