ملير ۾ دڪان تي فائرنگ،2 ڄڻا مارجي ويا

ملير (ڊ ر) اولڊ مظفرآباد ڪالوني ويجهو دڪان تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن جي سڃاڻپرحيم عرف منا ۽ قيصر نالي سان ٿي آهي، پوليس موجب اولڊ مظفرآباد ڪالوني ويجهو هارڊويئر جي دڪان تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ قيصر دڪاندار هو جڏهن ته رحيم عرف منا دڪان تي سامان وٺڻ آيو هو، مارجي ويلن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد اسپتال منتقل ڪيا آهن، پوليس موجب مارجي ويل رحيم عرف منا جو ڪرمنل رڪارڊ موجود آهي ۽ هو 6 کان 7 ڪيسن ۾ گرفتار به ٿي چڪو آهي رحيم عرف منا ڪجهه عرصو اڳ جيل مان آزاد ٿيو آهي، شروعاتي جاچ موجب واقعو ذاتي دشمني لڳي رهيو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.