تل ابيب(م ڊ)غزا ۾ بک کي ”جنگي هٿيار“ بڻائڻ خلاف مختلف ملڪن ۾ احتجاجي مظاهرا،اسرائيل ۾ به مظاهرا ڪري نعريبازي ڪئي وئي،اسرائيل پاران غزا ۾ بک کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪرڻ تي دنيا جي مختلف ملڪن سميت اسرائيل ۾ به احتجاج ٿيو، تل ابيب ۾ ماڻهن آمريڪي سفارتخاني ڏانهن مارچ ڪري حڪومت کان غزا ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته اسرائيل جي ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ڪيا ويا، جن ۾ نعرا هنيا ويا بک کي هٿيار بڻائڻ جنگي ڏوهه آهي“ ۽ ”غزا اڪيلو ناهي“۽ غزا لاءِ امداد بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي آفيس ٻاهران سوين ماڻهن غزا ۾ نسل ڪشي خلاف احتجاج ڪيو، جڏهن ته لنڊن ۾ برطانوي وزيراعظم جي آفيس ٻاهران هزارين ماڻهو گڏ ٿي خالي ٿانو وڄائي غذائي قلت ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ان کان سواءِ، نيدرلينڊز، ڊينمارڪ، لبنان، جرمني، چلي، صوماليا، يمن ۽ ايران ۾ به غزا جي حق ۾ مظاهرا ڪيا ويا.