لاڙڪاڻو(نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو شهر جي لاهوري محلا پهچي ٻه ڏينهن اڳ وهجڻ دوران رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل نوجوان غلام عباس سومرو جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ واقعي تي ڏک جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي جي رائيس ڪئنال ۾ 19 سالن جو نوجوان غلام عباس سومرو ٻڏي فوت ٿي ويو جيڪو لاڙڪاڻي جو ٻار ۽ مان ان کي پنهنجو ڀاءُ سمجهان ٿو، اسان جي خواهش ۽ مطالبو آهي ته رياست جي طرفان ڊزاسٽر ريسپانس جلد کان جلد هئڻ گهرجي. هن چيو ته مان پنهنجي روايتي لاڙڪاڻي واري سيٽ تان عام چونڊن ۾ حصو وٺندس جيڪا سيٽ منهنجي والد جي هئي ۽ پهريان اها سيٽ بيگم صاحبه جي هئي، انشاءَ الله مان هتان چونڊ وڙهندس، جيڪڏهن وقت سِر پارٽي ٺهي ته ڪوشش ڪندس ته ڪراچي سميت هر صوبي مان چونڊ وڙهندس. هن چيو ته لياري ۾ عمارت ڪري پئي ته خبر پئي ته ريسڪيو112 جي پٺيان ڪيتري ڪرپشن ۽ بدانتظامي آهي ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ريسڪيو1122 جا مزدور ڪوشش پيا ڪن، اسان چاهيون ٿا ته صحت، ريسڪيو سروس، بلڊنگ اٿارٽي جي اڃان وڌيڪ فنڊنگ ٿئي ته جيئن هو پنهنجو ڪم صحيح نموني ڪري سگهن ۽ ڪرپشن جو نشانو نه بڻجن. هن چيو ته مان شروع ۾ چيو ته پيپلز پارٽي کي جنهن ووٽ ڏنا آهن پيپلز پارٽي وارا انهن لاءِ ڪجهه به نه ڪندا اهي صرف پنهنجي لاءِ ڪم ڪم ڪندا، هنن ڪجهه نه ڪجهه لاڙڪاڻي لاءِ ڪيو آهي اسان ڪوڙ به نه ٿا ڳالهائي سگهون هنن ڪجهه روڊن کي بهتر ڪيو آهي پر ريسڪيو سروس بهتر ناهي، هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي اسان بلڪل جنگ طرف هليا ويا آهيون جيئن ضياءُ الحق جي دور ۾ هو، شهيد ڀٽو جي شهادت کان پوءِ مورو ۾ تمام گهڻو تشدد ٿي رهيو آهي ڪجهه ماڻهو لاپته ٿي رهيا آهن سياسي ماڻهو به لاپته پيا ٿين، سنڌ ۾ سياسي قيدي وڌي رهيا آهن، هر صوبي ۾ سياسي قيدين جا معاملا هلي رهيا آهن، اسان جو مطالبو آهي ته انهن سياسي قيدين جو صاف ۽ شفاف ٽرائل ٿئي سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي اسان جي صوبي کي امن امان پهچايو. ان موقعي تي پي پي پي ش ڀ جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا.