اسرائيل جي بربريت جاري، وڌيڪ 62 فلسطيني شهيد

غزا(م ڊ)اسرائيل طرفان غزا جي ٽن علائقن ۾ روزانو 10 ڪلاڪ عسڪري ڪارروائيون عارضي طور روڪڻ جي اعلان باوجود غزا تي حملن جو سلسلو جاري آهي، صبح کان هيل تائين 62 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن،رائٽرز موجب، اسرائيلي فوج ٻڌايو آهي ته هو المواسي، دير البلح ۽ غزا سٽي ۾ صبح 10 وڳي کان شام 8 وڳي تائين پاڪستاني وقت مطابق ڏينهن 12 وڳي کان رات 10 وڳي تائين) عسڪري ڪارروائيون روڪيندا، ۽ صبح 6 وڳي کان رات 11 وڳي تائين محفوظ رستا امدادي ٽرڪن ۽ شهري آبادين لاءِ کليل رهندا،الجزيره جي رپورٽ مطابق، طبي ذريعن ٻڌايو آهي ته اسرائيلي اعلان باوجود غزا جا غزا تي حملا جاري آهن، جن ۾ عورت ۽ 4 ٻارن سميت 53 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 6 ماڻهو بک سبب فوت ٿي ويا،طبي ذريعن جو چوڻ آهي ته 53 شهيدن مان 32 ماڻهو امداد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.