وادي تيراه ۾ آپريشن دوران نينگري مارجي وئي، احتجاج تي به فائرنگ

پشاور/ٽانڪ(م ڊ) وادي تيراهه ۾ سييڪيورٽي فورس جي آپريشن ۾ گولو ڪرڻ سبب نينگريءَ جي مارجڻ خلاف احتجاج تي به فائرنگ سبب ڪجهه ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته هڪ جرڳي۾ فوت ٿيل نينگري کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ڪيو آهي. وادي تيراھ ۾ مارٽر گولا لڳڻ کان پوءِ احتجاج تي فائرنگ، ڪيترن ئي ماڻهن جي موت جا اطلاع آهي. خيبرپختونخوا جي ضلعي خيبر جي وادي تيراھ ۾ مارٽر گولو ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ نينگرڙي جي موت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران فائرنگ سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي جان وڃڻ جون رپورٽون سامهون آيون آهن. قومي اسيمبليءَ جي ميمبر اقبال آفريدي دعويٰ ڪئي آهي ته  آچر جي صبح تي تيراھ هيڊڪوارٽر جي مقام تي مقامي ماڻهن جو احتجاج جاري هو، جنهن تي فائرنگ ڪئي ويئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ماڻهو شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، سيڪيورٽي آپريشن دوران ٻارڙيءَ جي مارجڻ کان پوءِ  احتجاج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جرڳي موجب سندن 11 مطالبا نه مڃيا ويا ته  اهي احتجاج ڪندا. پوليس مطابق هي واقعو خيبرپختونخوا جي ڏکڻ واري ضلعي ٽانڪ جي علائقي وانڊا ضل اما خيل ۾ پيش آيو. گذريل هفتي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو ته ڳوٺاڻا هڪ نينگريءَ جو لاش کڻي سيڪيورٽي فورسز جي بڪتر بند گاڏي آڏو احتجاج ڪري رهيا آهن. 23 جولاءِ جي شام سيڪيورٽي فورسز جون گاڏيون ڳوٺ ۾ آيون. اوچتو فائرنگ ٿي، جنهن ۾ هڪ نينگريءَ کي گولي لڳي ۽ هوءَ فوت ٿي وئي. هو وڌيڪ ٻڌائين ٿا ته نينگريءَ جو والد نيم فوجي اهلڪار آهي، جيڪو ضلع ڪرم جي جبلن تي ڊيوٽي تي هو. کيس جنازي لاءِ موڪل ڏني وئي. سي ٽي ڊي ۾ وليج ڪائونسل جي چيئرمين محمد علي جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ نينگريءَ جو نالو ثانيه بي بي ۽ عمر لڳ ڀڳ 9-10 سال ڄاڻائي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ان علائقي ۾ دهشتگرد موجود هئا، سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن جاري هو ۽ نينگري شدت پسندن جي فائرنگ جو نشانو بڻي. واقعي کان پوءِ علائقي وارن احتجاج ڪيو، اماخيل ڪاليج اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. محمد علي شاهه جو چوڻ آهي ته هوءَ حڪومت کان موجوده پاليسيءَ ۾ تبديلي گهرن ٿا،اهي نه ٿا چاهين ته بيگناهه پشتونن جو خون وهجي خيبرپختونخوا حڪومت وادي تيراھ جي واقع تي افسوس جو اظهار ڪندي، متاثرن جي وارثن لاءِ هر فوت ٿيل لاءِ هڪ-هڪ ڪروڙ رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي۔ وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته اسان قبائلي اڳواڻن ۽ عوامي نمائندن تي مشتمل هڪ جرڳو پشاور طلب ڪيو آهي ته جيئن مقامي ماڻهن جي احساسن ۽ خدشن کي ٻڌي سگهجي۔  ياد رهي ته هفتي جي شروعات ۾، ٽانڪ ضلعي جي رغزئي ڳوٺ ۾ مارٽر گولا ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻه ٻارڙا شهيد ٿي ويا هئا، جنهن تي علائقي واسين روڊ بند ڪري سخت احتجاج ڪيو ۽ ذميوارن جي سڃاڻپ ۽ سزا جو مطالبو ڪيو. صوبائي صلاحڪار سھيل آفريدي موجب، هڪ ڏينهن اڳ به هڪ ٻارڙي مارٽر گولا پوڻ سبب شهيد ٿي هئي، جنهن بعد مقامي ماڻهن ايف سي (فرنٽيئر ڪور) جي هيڊڪوارٽر آڏو احتجاج ڪيو. جڏهن مظاهرين ايف سي ڪيمپ جي ويجهو پهتا ته فائرنگ ٿي. ضلعي عملدارن ٻڌايو آهي ته فائرنگ تحريڪ طالبان پاڪستانجي دهشتگردن ڪئي، جڏهن ته ڪجهه مظاهرين الزام لڳايو ته سيڪيورٽي فورسز دروازي تي بيٺي فائرنگ ڪئي.زيراعظم شهباز شريف فائرنگ جي سخت مذمت ڪئي ۽ زخمين کي فوري طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي.جمعيت علماء اسلام (ف) جي سوشل ميڊيا بيان موجب، هڪ جرگو ٿيو، جنهن ۾ سول، عسڪري عملدار، علائقي جي معزز ماڻهن ۽ ايف سي جي ڪمانڊنٽ بريگيڊيئر محمد قاسم شرڪت ڪئي،

 فيصلو ڪيو ويو ته پرامن احتجاج آئيني ۽ جمهوري حق آهي، فورسز کي فائرنگ جو ڪو به حق ناهي. واقعي جي مڪمل انڪوائري ڪئي ويندي. هر شهيد جي وارثن کي 15 لک رپيا معاوضو ملندو.هر زخمي کي 2.5 لک رپيا ملندا۔زخمين جو علاج ايف سي اسپتال ۾ مفت ڪيو ويندو۔جيڪڏهن زخمي بعد ۾ فوت ٿي وڃي ته کيس شهيد پيڪيج ڏنو ويندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.