ڪراچي(چيف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات واري سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران اطلاعات وزارت ڇڏڻ جي پاڻمرادو آڇ،ميڊيا جي صنعت ۾ پنهنجا ادارا هئڻ سبب مفادن جي ٽڪراءُ وارو تاثر ختم ڪرڻ جي ڪوشش،تفصيل موجب سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ جا کاتا رکندڙ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو خاندان ميڊيا جي بزنس ۾ هڪ وڏي ميڊيا گروپ طور اڀري آيو آهي جنهن جي ڪري مفادن جو ٽڪراءُ جو تاثر اڀري رهيو آهي،ان حوالي سان شرجيل ميمڻ سنڌ حڪومت بابت فيصلا ڪندڙ قوتن۽ اڳواڻن آڏو اها پاڻ مرادو آڇ ڪئي آهي ته ميڊيا جي بزنس ۾ڪجهه چئنل ۽ اخبارون هئڻ ڪري هن جو اطلاعات کاتي ۾ رهڻ مناسب ناهي،جنهن جي ڪري اطلاعات واري وزارت فوري طور تبديل ڪئي وڃي جنهن تي فيصلا ڪندڙ قوتون شرجيل ميمڻ جي ان آڇ تي خوشگوار حيرت جو اظهار ڪندي سندس ساراهه ڪئي ۽ کيس جواب ڏنو ته في الحال پنهنجو ڪم جاري رکو،جيئن ئي سنڌ جي وزارتن ۾ تبديلي بابت مناسب سمجهيو ويو ته ان مهل سندس ان تجويز جو جائزو ورتو ويندو، واضح رهي ته شرجيل ميمڻ جو خاندان هن مهل هڪ سنڌي چئنل آواز ،هڪ اردو چئنل 360،هڪ انگريزي اخبار ڊيلي ٽائمز،هڪ سنڌي اخبار سرويچ هلائي رهيو آهي ان سان گڏ شرجيل ميمڻ جو خاندان هڪ عالمي معيار جو انگريزي چئنل آڻڻ وارو آهي،”ايشيا ون“ جي نالي سان ان چئنل لاءِ آمريڪا ۽ يورپ مان ماهرن کي گهرايو ويو آهي جيڪي اسٽاف کي عالمي سطح جي ميڊيا بابت تربيت ڏئي رهيا آهن،اها به خبر پئي آهي ته شرجيل ميمڻ جو خاندان بول ٽي وي چئنل بلڊنگ سميت خريد ڪرڻ وارو آهي تمام جلد شرجيل ميمڻ جي فيملي جا سمورا چئنل ۽ اخبارون ان بلڊنگ ۾ منتقل ڪيا ويندا.